نئين ڳوٺ ڀرسان ڀت ڪرڻ سبب پيرسن فوت

نئون ڳوٺ (ن ع آ) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ ڪرڙ کوسو ۾ گذريل رات تيز برسات جي ڪري گھر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 70 ورھين جو پيرسن نور محمد عرف نورل کوسو ھيٺان اچي فوت ٿي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته غربت سبب گھر جي ڇت نه ٺھرائي سگيو ھو مينھن جي پاڻي کان بچڻ لاء کٽ مٿان پلاسٽڪ جي ڪلي وجھي پاڻ کٽ جي ھيٺان ستو پيو ھو ته تيز برسات سبب سندس مٿان گھر جي ڀت ڪري پئي ۽ سندس گھر واري جي رڙين تي پاڙي وارن کوٽي نورمحمد عرف نورل کي ٻاھر ڪڍيو پر سندس جو دم ڌڻي حوالي ٿي چڪو ھو ۽ گھر ۾ قھرام مچي ويو ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.