مانجهند ۾برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي گهر پٽ، فصل تباهه

مانجهند (ن ع آ) مانجهند تعلقي جي سن مانجهند آمري لڪي شاه صدر خاڻوٺ منظورآباد سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ لڳاتار تيز طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي ڪيترائي ڪکاوان ۽ ڪچا گهر ڊھي پٽ پئجي ويا زمينن ۾ پوکيل هزارين ايڪڙ فصل تباه ٿي ويو جابلو نئين اوڇو 10 فوٽ وهي اچڻ سبب ڀٽ ڪاڇي لنڪ روڊ شاه اويس لنڪ روڊ لاکا لنڪ روڊ ٽٽي پوڻ سبب 20 کان وڌيڪ ڳوٺن جو شھرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو جنهن سبب هزارين ڳوٺاڻا بي يارومددگار بکن ۾ پاه ٿيڻ لڳا تيز نئين جو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پوڻ سبب عوام کي سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون پر انتظاميا ڦاٿل ماڻھن کي ٻيڙين جو بندوبست ڪري ڏئڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي اي سي ڊي  سي پنهنجا نمبر بند ڪري ڇڏيا ڳوٺ ابڙا جي محمد عمر ابڙو ڳوٺ ڏيٿا جي نصير ڏيٿو ڳوٺ شاه اويس قرني جي قربان عمراڻي فون تي دانهون ڪندي ٻڌايو ت جابلو نئين تباهي مچائي ڇڏي آھي کين انتظاميا ٻيڙيون مهيا نه ڪرائي سگهي آھي سندن واهر ڪئي وڃي هوڏانهن ٽائون انتظاميا مانجهند ۽ سن تعلقي جي 7 يوسيز انتظاميا جي نااهلي سبب برسات جي پاڻي جي نيڪالي جو بندوبست نه ٿي سگهيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.