قمبر ۾ فوڊ عملدارن جي ناانصافين خلاف ڪارخانيدارن جو لاڙڪاڻي روڊ تي ڌرڻو

قمبر (رپورٽ:محمود شيخ) قمبر ۾ فوڊ عملدارن جي ناانصافين خلاف رائيس ملز جي مالڪن احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر ساڙي لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي رائيس مل مالڪن امتياز لاکو، هاشم چانڊيو، عبيدالله بروهي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي ايف سي علي حسن مگسي ڪڻڪ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز ساڻ ڪري مختلف رائيس ملن تان لکين مڻ ڪڻڪ سرڪاري  اگهه 2200 سئو رپيا في مڻ جي حساب سان کڻائي ويو، جنهن بعد اسان کي  بل ڏنا ويا، جيڪي اسان بئنڪ کڻي وياسين ته چيو ويو ته فوڊ کاتي جي اڪائونٽ ۾ پئسا ڪونهن، توهان کي ڪيئن ڏيون. هنن چيو ته اسان ڪارخانيدارن جا خوراڪ کاتي ڏانهن ڪروڙين رپيا رهيل آھن، هنن  بل ته ڏنا پر فوڊ کاتي سنڌ جي اڪائونٽ ۾ پئسا نه هجڻ سبب پاس ٿي نه سگهيا آھن. هنن خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته اسان کان خريد ڪيل ڪڻڪ جا پئسا ڏئي پريشانين کان بچايو وڃي. ٻئي پاسي قمبر سٽي ٿاڻي تي عبيدالله بروهي،عبدالحميد رند،عبالغفار چانڊيو، امتيازلاکو ۽ ٻين واپارين خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.