برساتي پاڻي ۾ ڦاٿل حيدرآباد واسين کي مدد جي ضرورت

امتياز چانڊيو

سڄي سنڌ جيان حيدرآباد ۾ لڳاتار هلندڙ برسات انتظامي نااهلي جي ڪري سڄي شهر جي حالت ئي خراب ڪري ڇڏي آهي، آسمان مان ڪرندڙ برسات جون رحمت واريون ڦڙيون ماڻهن لاءِ زحمت بڻجي ويون آهن ۽ حيدرآباد جي ٽنهي شهري تعلقن لطيف آباد، قاسم آباد ۽ حيدرآباد شهر جا رهواسي گهٽين، روڊن ۽ رستن تي برساتي پاڻي بيهڻ ڪري سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، صورتحال ان حد تائين خراب آهي جو هيٺانهين وارن علائقن ۾ ته ماڻهن جو گهرن مان نڪرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي، روڊ ۽ رستا برساتي پاڻي سان ڀريا پيا آهن.

چوندا آهن ته برسات نه پوڻ ڏڪار جي نشاني هوندي آهي ۽ برسات وسڻ رحمت ۽ خوشحاليءَ جي علامت هوندي آهي، پر هتي ته رحمت مثل برسات انتظامي نااهلي جي ڪري ماڻهن لاءِ زحمت بڻجي وڃي ٿي، تيز برساتن جي اڳڪٿي جي باوجود ضلعي انتظاميا حيدرآباد اڳواٽ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه ڪيا، نالن جي صفائي بلڪل ئي نه ڪرائي وئي، رڳو سکڻا بيان ڏئي فوٽو سيشن ڪرايو ويو، جنهن ڪري هن وقت پوندڙ برسات جي ڪري شهر جي هر گهٽي، رستي ۽ چوراهي تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، برساتي پاڻي گٽر نالين جي پاڻي سان ملي روڊن تي نڪري پيو آهي، جنهن ڪري اهو پاڻي انساني صحت لاءِ تمام گهڻو خراب آهي، ڌپ وارو ڪاري رنگ جو رستن تي بيٺل پاڻي نه ڄاڻ ڪيترين ئي بيمارين کي جنم ڏيندو، جنهن سان ماڻهو مس برسات مان جائي ڇڏائيندا ته مٿان وري ڪيتريون ئي بيماريون منهن ڪڍنديون ۽ ٻنهي صورتن ۾ تڪليف وري به شهرين کي سهڻي پوندي.

برساتن کان اڳ ڪمشنر حيدرآباد ۽ چونڊيل نمائندن جا بيان پئي آيا ته هنن برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ بهترين انتظام ڪيا آهن، پر اهڙين دعويٰ جي پت تڏهن وائکي ٿي پئي، جڏهن برسات پئي ۽ سڄو شهر برساتي ۽ گندي پاڻي سان ڀرجي ويو ۽ انتظاميا ماڻهن جي تڪليف جو تماشو ڏسي رهي آهي. هن وقت حيدرآباد شھر جي قدم گاهه مولاعلي روڊ، مڪي شاهه روڊ، بئراج ڪالوني، ريلوي ڪالوني، لياقت ڪالوني، ٽيون نمبر تلاءَ، فتح چوڪ، قاسم آباد تعلقي جي گليمر هومز، سٽيزن ڪالوني، ذيشان سوسائٽي، چانڊيا ڳوٺ، مولابخش چنا ڳوٺ، نسيم نگر، فراز ولاز، وحدت ڪالوني ۽ شيدي ڳوٺ، لطيف آباد تعلقي جي مختلف علائقن حسين آباد، لطيف آباد  نمبر نمبر 2، 4، 7، 8، 11، 12، فقير جو پڙ، ڪلاٿ مارڪيٽ وارا علائقا برساتي پاڻي سان ڀريل آهن ۽ هيٺانهين وارن گھرن ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جتان جا رھواسي پنھنجي مدد پاڻ تحت پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، حيدرآباد جي ريلوي ڪالوني ۾ برسات جو پاڻي گھرن ۾ اندر اچڻ سبب گھريلو سامان برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، انتظاميا پاڻي نيڪال ڪري ماڻهن کي پنهنجن گهرن ۾ محفوظ ڪرڻ بجاءِ ان جو حل اهو ڪڍيو آهي ته شهر جي مختلف ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪرڻ جون ھدايتون ڪيون آھن. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته برساتن جي اڳڪٿي کان پوءِ جلد ئي انتظاميا کي هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي جي نيڪال جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ها ته جيئن ماڻهو وڏي نقصان کان بچي وڃن ها ۽ دربدر به نه ٿين ها، ڪجهه ڏينهن جي برسات پوڻ کان پوءِ هن وقت ئي ايتري صورتحال خراب ٿي وئي آهي، جڏهن ته موسميات کاتو ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا به وڌيڪ تيز طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن برسات جو سلسلو ائين جو تيئن جاري رهيو ته ماڻهن جا گهر ڊهي ڪري پوندا ۽ شهرين کي وڏي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو.

حيدرآباد شهر جي روڊن ۽ رستن تي برساتي پاڻي بيهڻ ڪري ماڻهن جا ڪاروبار به سخت متاثر ٿيا آهن، برسات جي اڳڪٿي جي باوجود حيسڪو به بجلي جي نظام کي هلائڻ لاءِ ڪا خاص تياري نه ڪري سگهي، جيئن ئي برسات جو سلسلو شروع ٿيو ته حيدرآباد جي 121 بجلي جي فيڊرن مان 56 فيڊر بند ٿي ويا، جنهن ڪري پاڻي نيڪال جا موٽر هلي نه سگهيا، موٽر بند ٿيڻ ڪري سڄو شهر ڏسندي ئي ڏسندي پاڻي جي تلائن، ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ تبديل ٿي ويو، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جون تارو به ڪري پيون آهن.

حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي ماڻهن کي ته پريشان ڪري ڇڏيو آهي، پر هن برسات فصلن کي به سخت نقصان پهچايو آهي، سارين، ڦٽين ۽ سبزين جي فصلن کي برسات تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، فصلن ۾ ڏيڍ کان 2 فوٽ پاڻي ڀرجي ويو آهي، جنهن جي نيڪال جو ڪو رستو ئي ناهي.

مون کي ڪڏهن ڪڏهن انتظاميا جي اهڙي لاپرواهي واري رويي مان ائين لڳندو آهي ته انتظاميا برسات کان اڳ ان ڪري تياري ناهي ڪندي جو ضلعي انتظاميا کي وڏن فنڊن جاري ٿيڻ جو انتظار هوندو آهي، تنهن ڪري هٿ سان برساتي پاڻي ۾ علائقن کي ٻوڙايو ويندو آهي ۽ پوءِ ميڊيا تي واويلا ٿيندي آهي ۽ وڏا فنڊ جاري ٿيڻ کان پوءِ انتظاميا جو ميلو مچي ويندو آهي ۽ رليف جي نالي تي ڪرپشن ٿيندي آهي، هاڻ واري عمل مان به ائين لڳي رهيو آهي ته انتظاميا فنڊن جي انتظار ۾ ويهي ماڻهن کي تڪليف ۾ ڇڏي انساني زندگين سان کيڏي رهي آهي، اهڙي رويي کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته بيٺل برساتي پاڻي ماڻهن کي تمام گهڻي تڪليف پهچائي ٿو، منهنجي راءِ آهي ته انسانن جي تڪليف آڏو مفاد اهميت نٿا رکن، تنهن ڪري بنا ڪنهن لالچ جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي.

گندي ۽ برساتي پاڻي ۾ ڦاٿل حيدرآباد واسين کي هن وقت مدد جي سخت ضرورت آهي، ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ حڪومت کي تڪڙا اپاءَ وٺي حيدرآباد جي هيٺانهين وارن علائقن مان فوري طور تي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو بندوبست ڪري شهرين کي پريشانيءَ کان بچايو وڃي ۽ ماڻهن جي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ ڪري جيترو به نقصان پهتو آهي، ان جي سروي ڪرائي متاثر ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.