ميرپورخاص ۾ کير جي امدادي اگهھ ۾ 20 رپيا واڌ، 130 رپيا ڪلو مقرر

ميرپورخاص (رپورٽ:صالح اوٺو) ميرپورخاص ۾کير جو ڪاروبار ڪندڙ بااثر واپاري کير جو ھٿرادو  اگهه 140 ڪلو مقرر ڪرڻ بعد کير جي سرڪاري اگهھ ۾ 20 رپيا ڪلو واڌ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ميرپورخاص ۾ کير جو سرڪاري اگهھ 110 رپيا ڪلو مان وڌي 130 ڪلو مقرر ڪيو ويو آھي. ان حوالي سان ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ کير جو هٿرادو اگهھ مقرر ڪرڻ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسر، انجمن تاجران ۽ ڊيري ملڪ ايسوسي ايشن جي ذميوارن جو اجلاس منعقد ڪيو. ان موقعي تي متفق راءِ سان کير جي سرڪاري قيمت 110 رپيا ڪلو مان وڌائي 130 رپيا ۽ ڏھي جي قيمت 155 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي.  اجلاس کي خطاب ڪندي ھن چيو ته محرم الحرام دوران عام ماڻھن کي سستو کير فراهم ڪري رليف فراهم ڪيو وڃي، ھن ڊيري ملڪ جي دڪاندارن کي ھدايت ڪندي چيو ته دڪانن تي کير جي لسٽ نمايان جڳهھ تي لڳائي وڃي. ھن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي ته کير جي جن دڪانن تي قيمت ظاهر نه ھجي، انهن  دڪاندارن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي  ۽ جيڪي ناجائز منافعو وٺي رھيا آھن، انھن تي ڏنڊ لڳايو وڃي ھن انجمن تاجران جي عھديدارن کي چيو ته محرم الحرام جي عظيم مھيني ۾ خيرات لاءِ استعمال ٿيندڙ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ به ھڪ گڏجاڻي گهرا ئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.