لسٻيلي ۾ برسات سبب پل لڙهي وئي، سنڌ بلوچستان رابطو ڪٽيل

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) لسٻيلي ضلعي ۾ گذريل رات کان هلندڙ شديد برسات تباهي مچائي ڇڏي، لسٻيلي جي تعلقي گڏاڻي جي ويجهو ڪوئيٽا ڪراچي روڊ ڊي جي سيمينٽ فيڪٽري ويجهو باگڙ ندي پل ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي وئي، سنڌ ۽ بلوچستان جو رابطو ڪٽجي ويو، ٻنهي پاسن کان هزارين مسافر ڦاسي پيا،ڪراچي جو بلوچستان سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، جنهن جي بحالي لاءِ اڃا تائين ڪو به ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي، شهرين ۽ مسافرن صوبائي حڪومت، ريسڪيو ادارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.