برسات سبب متاثر ٻھراڙين جي به سار لھو

آچر واري ڏينھن کان شروع ٿيل برسات سڄي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ ھڪ ئي وقت وٺي آھي، ان کان اڳ برسات ٿر ۽ بدين وارن علائقن ۾ وسي ھئي جنھن ۾ شھر اسلام ڪوٽ ۾ 200 ملي ميٽر برسات پئي ھئي جڏھن آچر ڏينھن ڪراچي جي علائقي ماڙيپور ۾ وڌ ۾ وڌ برسات رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا بھ 200 ملي ميٽرھئي.موسمياتي کاتي موجب برسات وقفي وقفي سان  اربع تائين جاري رھندي.ھن وقت تائين مختلف واقعن ۾ 6 ماڻھن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آھن.

برسات ھڪڙي ئي ڏينھن اھڙو رخ ڏيکاريو جو سنڌ توڻي وفاقي حڪومتن کي ڪراچي ڊويزن ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ موڪل جو اعلان ڪرڻو پيو.سنڌ سرڪارپاران  ھڪ ڀيرو ٻيھر رين ايمرجنسي لاڳو ڪيل آھي.سنڌ جي وڏي وزير برسات دوران ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪالي جو جائزو ورتو.

ٻئي پاسي ھميشھ جيان ڪراچي شھر جا ھيٺيان علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا،ڪوششن باوجود شھر جي وڏن ۽ اھم روڊن تان سومر ڏينھن تائين پاڻي نيڪال نھ ٿي سگھيو ھو،ڪراچي شھر  ڪوھستاني پٽي تي واقع آھي،جتي ڪنھن وقت ۾ برسات جي نيڪال وارن نيئن جو ھڪ نيٽ ورڪ ھوندو ھو جيڪو برسات کي ڇڪي سمنڊ تائين ڇوڙ ڪندو ھو پرخطي جي مزاج کان اڻواقفن جي جوڙيل رٿائين ھن وقت شھر کي اھڙو سوڙھو ڪري ڇڏيو آھي جو پاڻي جي لنگھن ۽گذر گاھن کي بندي ڪرڻ ڪري سمورو پاڻي شھر ۾ ڪاھي پوي ٿو پوءِ ٿورو ٿورو ٿي ڪري ھاڻوڪي ٻولي ۾گندن نالن جي معرفت مس وڃي سمنڊ ۾ پھچي ٿو.تيستائين شھر  جي سياسي سماجي ڌرين جو رڙيون لڳون پيو ھونديون آھن.سڀني کان وڌيڪ خراب حالت شھر جي پوش علائقي ڊيفنس جي ٿئي ٿي جيڪو اصل ۾ سمنڊ سان لڳ ۽ بھترين نيڪال سسٽم ھوندي بھ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏندو رھي ٿو، ان جو ھڪ سبب اھو آھي تھ ڊي ايڇ اي وارن سمنڊ جي ڳچ حصي مٿان مٽي وجھي اھو سمنڊ کان کسي ورتو آھي. ھئڻ تھ ائين گھرجي جو سرڪار بي رحمي سان ھن شھر جي برسات وارن رستن تان قبضا ختم ڪرائي، انھن تي ٻيھر قبضن کان بچائڻ جي لاءِ ھڪ جوڳو سرشتو جوڙي  ٻي صورت ۾ برسات جي پاڻي جي نيڪال واري اھا شڪايت ڪڏھن ختم نھ ٿيندي،

شھر کي بجلي فراھم ڪندڙ اداري ڪنھن امڪاني جاني نقصان کان بچڻ جي لاءِ 70 کان وڌيڪ فيڊرز کي بند رکيو ھو.جنھن تي وري شھرين جون بجلي نھ ھئڻ بابت جدا دانھون ھيون.

سڌ سماءَ جي ذريعا چون ٿا تھ ھن وقت بھ ھوا جو گھٽ دٻاءُ برقرار آھي ۽ اڃان تائين مينھوڳي مند جاري آھي.ٻئي پاسي سمنڊ سان لڳندڙ حصن  ٺٽي،سجاول. بدين ۽ ٿر( ٿرپار ڪر وارا سمورا علائقا سانگھڙ،خيرپور سميت) ۾ بھ اڳي کان گھڻي برسات پئي آھي، ان کان علاوھ حيدرآباد،دادو،ڄامشوري،ڪاڇي وارن علائقن ۾ بھ زوردار مينھن پيو آھي،جنھن سان بھ ھيٺيان علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، نيئيون ۽ واھھ ڀرجي وھي رھيا آھن.

سنڌ جو ڪو بھ اھڙو شھر نھ آھي جنھن جي لاءِ اھو چئي سگھجي تي اتي ڪو مثالي سسٽم آھي جنھن سان برساتي پاڻي ٻھراڙي تھ ٺھيو پر شھرن مان سولائي سان نيڪال ٿي سگھي ٿو.اھڙيون شڪايتون ھر طرف کان ٻڌڻ ۾ اچي رھيون آھن. کير ٿر جي جابلو سلسلي ۾ برساتن سبب ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي.

سنڌ جي جن علائقن ۾ برسات وٺي آھي اتي غريبن جا اجھا ڊھي پٽ ٿي ويا آھن.مختلف علائقن جو رابطو شھرن کان ڪٽجي ويو آھي،بدين سميت سامونڊي پٽي جي علائقن ۾ ووئڻن جا فصل پاڻي ھيٺ اچڻ سبب آبادگارن کي لکين روپين جو جو نقصان ٿيو آھي.زراعت جي نقصان بابت ابتدائي اطلاعن موجب وونئڻن کان سواءِ کجي جي فصل کي وڏو نقصان رسيو آھي،سنڌ جي سارين جي پوکي واري ايريائن ۾ ماڻھن جي سارين جي ٻيجارا ۽ تياري ھيٺ زمين تي پاڻي بيھي رھيو آھي. اھو سلسلو لڳ ڀڳ سمورن ٻھراڙين وارن علا.ئقن ۾ آھي.

سنڌ جي پاڻي ھيٺ آيل شھرن توڻي ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪال بابت ڪوشش جاري ھوندي پر ڪٿان بھ ڪا مثبت خبر نھ آئي آھي.

سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن مان ان برساتي پاڻي جي نيڪالي بھ وقت جي سرڪار ۽ ان جي لاڳاپيل ادارن جو ڪم ۽ فرض آھي،توقع ڪجي ٿي تھ ان ۾ مڪاني ادارن جو عملو ڪا سستي نھ ڪندو ۽ جلد ئي بيٺل پاڻي ڪڍيو ويندو ۽ رواجي زندگي موٽي ايندي.

سنڌ جون ٻھراڙيون ھن دور ۾ بھ سرڪار جي نظر کان اوجھل رھنديون آھن، جتي وري برسات جي ٿيل نقصان جي دانھن تڪڙي تھ وس وارن تائين نھ پھچي سگھندي آھي پر اتي جي ڍانچي ۽ جوڙجڪ سان اھو اندازو ڪري سگھجي ٿو اتي ئي سڀني کان وڌيڪ نقصان ٿئي ٿو يا وري ان جو خطرو وڌيڪ ھوندو آھي.

 

آفتن کي منھن ڏيڻ  واري اٿارٽي ڪجھھ سرگرم نظر اچي رھي آھي پر ان اداري کي  ٻھراڙي جي ماڻھن جي بھ سار لھڻ گھرجي،ھئڻ تھ ائين گھرجي جو تڪ جو نمائندو  جيڪو عوام وٽ جوابدھ آھي،اھو پنھجي علائقي جي جوڳي سار سنڀال لھي ڪري اھڙي خبرچار واسطيدار ادارن کي پھچائي جيئن ھنن جي مدد ٿي سگھي.پر اسان وٽ اھڙا مثال گھٽ ملن ٿا.اھو برابر آھي تھ ڪن ھنڌن تي ائين ٿيو ھوندو پر جيڪڏھن مجموعي طور ڳالھھ ڪبي تھ ائين گھٽ ٿيو آھي.

توقع تھ ھن سرڪار کان اھا ئي آھي تھ برسات سبب ٿيل  نقصان بابت ڪاٿو لڳائي متاثرن جي بنا ڪنھن فرق جي مدد  ڪئي ويندي.برساتن سبب ڳچ شھرن جو ڍانچو متاثر ٿي چڪو آھي ۽ماڻھون پريشاني ۾ ورتل آھن،ٻئي پاسي برسات سبب زمين فوري طور ڪنھن پوکي جي قابل نھ ھوندي جنھن سان غريب ھاري ناري ۽ ننڍي آبادگار جو گھڻو نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي، توقع ڪجي ٿي تھ سرڪار ھن اھم معاملي ڏانھن بھ غور ڪندي۽ان جي تدارڪ جو جوڳو بندوبست پڻ ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.