ورلڊ اڪانامڪ فورم جي رپورٽ ۽ عورت جي برابري جو سوال

حسن جان سومرو

ورلڊ اڪانامڪس فورم پاران 2022 ۾ صنفي حوالي سان انڊيڪس جاري ڪيو ويو آهي، رپورٽ ۾ جن بنيادي نقطن تي روشني وڌي وئي آهي، انهن ۾ صنفي تعليمي برابري، معاشي حصيداري، سياسي خودمختياري جهڙن اهم نقطن کي شامل ڪيو ويو آهي.انڊيڪس ۾ 146 ملڪن مان پاڪستان 145 نمبر تي آهي،جتي صنفي برابري،تعليمي برابري سياسي برابري  ۾ پاڪستان 145 نمبر تي آهي.جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هتي عورتن سان پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ  آئيني تبديلي ۽ قانون سازي جي ڪيڏي نه سخت ضرورت آهي.

The Global Gender Gap Index benchmarks the current state and evolution of gender parity across four key dimensions (Economic Participation and Opportunity, Educational Attainment, Health and Survival, and Political Empowerment).

تعليم هن جديد دور ۾ به هڪ وڏو چيلينج آهي، پاڪستان جي قيام کان وٺي موجوده رياستي جوڙجڪ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته رياست پاڪستان ۾ صنفي برابري جي حوالي سان سڌارا آڻڻ ۾ ناڪام وئي آهي. معاشي،سماجي،سياسي برابري پاڪستاني رياست لاءِ  نهايت ضروري آهي. (ڊاڪٽر مبارڪ علي پنهنجي ڪتاب عورت ۽ تاريخ ۾ لکيو آهي ته عورت کي قديم دور کان وٺي سماجي،معاشي ۽ سياسي برابري کان محروم رکيو ويو آهي.) عورت کي سماجي ريتن رسمن سياسي فيصلن کان پري رکيو ويو، اڄ به ان طرز عمل کي اپنايو وڃي ٿو ته جيئن سموري سياسي سگهه معاشي طاقت مرد جي ماتحت رهي سگهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ باجوڙ ۾ عورتن جي سير و سياهه جي حوالي سان سالارزئي قبيلي طرفان جرڳو ڪوٺايو ويو ته عورت باجوڙ جي علائقي ۾ بغير مڙس کان سواءِ اڪيلي سر پڪنڪ جهڙين جڳهين تي گهمي ڦري نٿي سگهي، يا سير و سياح ٽوئرازم عورت لاءِ  غير شرعي آهي. ان سموري صورتحال تي مين اسٽريم ميڊيا جون نظرون پڻ ان واقعي تي رهيون. پر ڪنهن به سماجي اداري يا وومين ايڪشن فورم پاران نه ڪو بيان جاري ڪيو ويو نه وري ڪا احتجاج جو سڏ ڏنو ويو.  ايڏي واقعي تي  موجوده قبائلي صورتحال تي نظر  وجهبي ته اندازو ٿي ويندو ته سالارزئي قبيلي پاران ورتل قدم افغان طالبان جي ڪنزرايٽوازم سوچن کان به ڪجه قدم اڳتي آهي. رياست پاران اهڙِي فرسوده قدم تي ڪو بيان نه ڏيڻ قابل مذمت عمل آهي.اها رياستي ذميواري آهي ته هو پنهنجين شهرين کي جاني مالي تحفظ فراهم ڪري. کين، آزادانه طرز زندگي فراهم ڪري ته جئين شهري پنهنجي آسپاس ڪنهن به قسم جي خوف کا آجو رهي سگهي. جرڳو جي يو آءِ ايف جي مقامي گروپ پاران ڪوٺايو ويو،جڏهن ته اها سڀني کي ڀلي ريت ڄاڻ آهي ته جي يو آءِ ايف مرڪزي حڪومت جو حصو آهي.ان جي باوجود پارٽي جي ڪيترن ئي ميمبرن پارن جرڳي ۾ شرڪت ڪئي وئي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته قبائلي علائقا تعليم نه هجڻ جي ڪري مذهبي انتهاپسندي ۽  دهشتگردي جي ور چڙهي ٿا وڃن.اها سڌو سنئون رياستي ذميواري آهي قبائلي علائقن ۾ تعليمي ۽ صنفي سڌارا آڻي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي ٻنجو ڏي ته جئين رياستي رٽ کي ڪير به چيلينج نه ڪري سگهي.

ٻئي طرف ڊيرا غازي خان ۾ 35 سالن جي عورت سان وين ڊرائيور زبردستي ڪئي ، عورت جا پنهنجي مڙس سان اختلاف وڌي وڃڻ جي ڪري عورت پنهنجي پٽ کي ڪوٽ مٺان ۾ پٽ کي مڙس جي حوالي ڪري واپس وڃي رهي هئي ته  وين ڊرائيور عورت کي اڪيلو ڏسي فائدو ورتو ته ملتان لاءِ  وين ڪونه ويندي منهنجي ڪزن جي گهر هلي ترسو.جڏهن وين رانجهن پور پهتي ته اتي ڊرائيور پنهنجي اندر جي جانور سان کيس هوس جو نشانو بڻايو.جڏهن ته ڪوٽ مٺان پوليس پاران وين ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافين جا اهڙا کوڙ سارا واقعا آهن، جن سان اخبارون ڀريو پيون آهن. پر انهن واقعن جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ حڪومت مهنگائي کي ايترو پروان چاڙهيو آهي جو بنيادي سهولتن کان محروم خلق خدا ايترو ته سماجي دٻاء جو شڪار آهي جو عورتن سان ٿيندڙ اهڙن غيرانساني واقعن کي ڪير سنجيده نٿو وٺي. ماڻهو رياستي جبر جو ايترو ته شڪار ٿيو آهي جو بنيادي سهولتن کان سواء اهڙن واقعن تي ماڻهن سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي.

30 مئي تي پڻ هڪ اهڙو افسوناڪ واقعو ٿيو، ملتان کان هڪ عورت بهاالدين ذڪريا ٽرين ۾  ڪراچي سفر ڪري رهي هئي ته ريل عملي پاران کيس تذليل جو نشانو بڻائي گينگ ريپ ڪيو ويو. جڏهن عورت عوامي جڳهين تي وين، ٽرين پارڪ يا پڪنڪ پوائنٽس تي غير محفوظ هوندي ته آخر عورت لاءِ  سماج ۾ محفوظ جڳهه ڪهڙي ٿي بچي؟ عورت هن رياست ۾ڪهڙي محفوظ جڳهه تي پناهه وٺي؟ اهڙا سوال رڳو منهنجي ذهن جي تخليق ناهن پر لکين عورتن جي ذهن جي پيداوار آهن ته حوا جي ڌيءَ آخر ڪٿي محفوظ آهي؟ يا حوا جي ڌيءَ کان هميشه کان وٺي ائين ئي تذليل جو نشانو بڻايو ويندو يا کيس انصاف ملندو ؟

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.