ڦل لڳ برسات سم نالو ڀرجي ويو، روڊ، ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ

ڦل ( ن ع آ ) ڦل لڳ  باءِ  پاس ڦل نوشھروفيروز روڊ سان لڳولڳ سم نالو برساتي پاڻي سان ڀرجي ويو ڦل پڊعيدن روڊ تي واقع ڪيترائي گهر، مسجد مدرسو پاڻي هيٺ آيل جڏهن ته ڪوبه ضلعي انتظاميه، چونڊيل نمائندن يان وزيراعلي طرفان برسات متاثرين جي مدد ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل صلاحڪار رئيس مولابخش مبيجو مان ڪير به شهرين جي واهر لاءِ ناهي پهتو شهري سخت پريشان شهرين جو چوڻ آھي ته تازين پيل مسلسل برساتن سبب اسان جي گهرن ۾ فصلن ۾ پاڻي بيهڻ سميت شهر جي باءِ پاس وٽ ۽ ٻين رستن ۾ چوڌاري پاڻي جمع ٿي ويو آھي. جنهن سبب فصل تباهه ٿي ويا آھن گلين گهٽين دڪانن اڳيان برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آھي پر هن مهل تائين نه ته تازو ووٽ وٺي ويل کٽيل توڙي هارايل مڪاني اميدوار,ضلع انتظاميه,چونڊيل ايم پي اي,ايم اين اي يان وزيراعليٰ سنڌ طرفان برسات متاثرين جي مدد لاءِ مقرر ڪيل صلاحڪار رئيس مولابخش مبيجو ڪا سار لڌي آھي ۽ نه ئي ڪا مشينري موڪلي وئي آھي جنهن سان فصلن گهرن مان برساتي پاڻي ڪڍي سگهجي

پاڪستان ڀارتي دفاع واري وزير جي بي بنياد بيانن کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد  (اي پي پي ) پاڪستان ڀارت جي دفاع واري وزير جي ڄمون ۾ هڪ تقريب ۾ غير ضروري ۽ مڪمل طور تي ناقابل قبول بيان کي رد ڪندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي دفاع واري وزير پنهنجي ريمارڪس ۾ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي باري ۾ تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳايا ۽ پاڪستان کي ڌمڪيون ڏنيون آهن. ترجمان چيو ته اهو ڪو پهريون موقعو ناهي جو ڪنهن سينيئر ڀارتي سياستدان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام جي جائز، مقامي ۽ منصفاڻي آزادي واري جدوجهد تي تنقيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي. ترجمان چيو ته ڀارتي سياسي شخصيتن جا چِڙ ڏياريندڙ بيان والاريل ڪشمير جي حقيقت کي تبديل نٿا ڪري سگهن. ترجمان چيو ته ڀارت کي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته سخت قانونن جي لاڳو هئڻ، وادي ڪشمير کي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين فوجي گهيراءُ ۾ رکڻ، هزارين بيگناهه ڪشميرين ۽ سندن حقيقي نمائندن کي قيد رکڻ ۽ هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميرين قتل عام باوجود ڀارت ڪشميرين جي آزاديءَ واري جذبي کي ڇو خاموش ناهي ڪرائي سگهيو ۽ اهو ته ڪشميرين جي دل ۾ آزاديءَ جو ڏيئو اڃا روشن آهي.ترجمان چيو ته ڀارت کي تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي ته ڄمون ڪشمير هڪ عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪرار آهي جيڪو گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود آهي ۽ ان جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عملدرآمد ۾ شامل آهي. ترجمان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت حاصل ڪرڻ لاءِ سندن منصفاڻي جدوجهد ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪري ٿو ته اها ڀارت جي ڪشميري عوام تي جاري ظلم ۽ والاريل علائقي ۾ آباديءَ جي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي غير قانوني ڪوششن کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام جو حامي آهي. ان سان گڏوگڏ اسان ڪنهن به جارحاڻي عزم کي ناڪام بڻائڻ جي پوري صلاحيت رکون ٿا ۽ اسان ماضي قريب سميت ڪيترن ئي موقعن تي ان سلسلي ۾ پنهنجي عزم ۽ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.