ڪوئيٽا دراصل ڏکڻ سوڊان شهر آهي

وسعت الله خان

ڏکڻ سوڊان جي شھر ڪوئٽا ۽ ٻين شهرن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي مارجڻ  خلاف قومپرست پارٽين ۽ تنظيمن جو رستن تي احتجاج.هاڻي ڪونھ ڪو فٽ سان اھا  غلطيءَ درست ڪندو تھ ڀائو  توهان تھ ذميوار صحافي آهيو. ڇا توهان کي اها به خبر ناهي ته ڪوئيٽھ ڏکڻ سوڊان جو نه پر بلوچستان جي راڄڌاني وارو شھر آهي.

ھوندو ڪوئيٽا بلوچستان جي گاديءَ جو هنڌ . پر مان تھ مقامي ميڊيا جو نمائندو آهيان جنهن جي ڪوريج ٻڌي ۽ ڏسي،مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته بلوچستان ۾ هن وقت ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا. هڪ محب وطن بلوچ ۽ پختون ۽ ٻيا دهشتگرد يا غدار.

جڏهن ريڪوڊڪ، گوادر، چمالانگ، سوئي وغيره جي ڳالهه ٿئي ٿي ته بلوچستان ايراضيءَ جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو بڻجي وڃي ٿو ۽ جڏهن حملن، وڳوڙن، جبري گمشدگين ۽ احتجاجن جا اطلاع   اچن ٿا ته بلوچستان لوڪل نيوز ڊيسڪ تي خود بھ خود منتقل ٿي وڃي ٿو،ان بعد اوھان ان کي مالي ۾ رکو، پپوا نيو گني جو خطو سمجھي وٺو ، منگوليا ۾ تصور ڪريو يا ان کي ڏکڻ سوڊان جو ھڪ صوبو مڃي وٺو.ڪھڙو  فرق پوي ٿو.

ڪڏهن اوھان مقامي اخبار يا چينل تي مالي، پپوا نيو گني، منگوليا يا ڏکڻ سوڊان جي باري ۾ ڪا غير معمولي خبر تفصيل سان پڙهي يا ٻڌي ؟ تھ پوءِ بلوچستان ان  لسٽ ۾ وجهڻ سان ڪنهن جو ڇا بگڙي ٿو وڃي.

گذريل کان اڳئين هفتي پاڪ فوج جي ھڪ حاضر سروس آفيسر ۽ ان جي سوٽ جي  زيارت واري علائقي مان دهشتگردن ھٿان اغوا ۽ پوءِ لاش ملڻ واري افسوسناڪ خبر کانپوءِٿيندڙ آپريشن ۾ 9 ڄڻا ماريا ويا، انھن جي باري ۾ عسڪري ۽ صوبائي ترجمان جو چوڻ آھي تھ اھي بي ايل اي جا دھشتگرد ھئا،بي ايل اي صاف انڪار ڪري ڇڏيو تھ مارجي ويلن مان ھڪ بھ اسان جو ماڻھون نھ آھي،پر بھرحال مارجي ويلن جي مائٽن جو انڪار ڪرڻ مشڪل ھو .اھڙي طرح جنھن جنھن خاندان پنھنجن پنھجن جا لاش سڃاتا انھن اھو بھ ٻڌائي ڇڏيو تھ ڪھڙو شخص ڪھڙي تاريخ تي ڪھڙي مقام تان پراسرار طور لاپتا ٿيو ھو يا کنڀي کنيو ويو ھو.

انهن مان ڪجهه جا نالا ڪيترن ئي مهينن کان يا ته عدالت ۾بازيابي جي درخواست ۾ داخل آھن يا وري گم ٿيل ماڻهن واري ڪميشن جي نوٽيس ۾ آندا ويا آھن يا وري وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز نالي هڪ غير سرڪاري تنظيم جي رڪارڊ ۾ پوري تفصيل سان موجود آھن.

حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز جا ذريعا  چون ٿا تھ اھي ڪھڙي طرح لاپتا ٿيا يا اغوا ٿيا يا دهشتگرد تنظيمن سان ملي ويا ڪھڙي خبر، اسان کي تھ بس ايتري خبر آھي تھ اھي سڀ دهشتگرد هئا ۽ آهن.

هڪ لمحي لاءِ اهو رياستي موقف مڃي ٿا وٺون تھ شهرين جي جبري اغوا ۾ ڪنهن به حساس يا سيڪيورٽي اداري جو ڪو هٿ ناهي. پوءِ ان تاثر کي زائل ڪرڻ جي لاءِ ڇا ڇا ضروري آهي؟

سڀ کان پهرين تھ وزير اعظم شهباز شريف کي پنهنجي معصوميت جي باري ۾ قائل ڪرڻ جي ضرورت آھي،جيڪو خود چوي ٿو تھ مان ماڻهن کي گم ڪرڻ  واري رجحان جي روڪ ٿام جي لاءِ ”طاقتور حلقن“ سان ڳالھائيندس.وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته طاقتور حلقن جو ان سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي،اھا ھوائي ڳالھھ ڪنھن دشمن پکيڙي ھوندي،

نھ رڳو اھو پر مخالف ڌر جي سڀ کان موثر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بھ اوھان چڱي ريت سمجھائجو تھ جڏھن ڪو سيڪورٽي ادارو اھڙي طرح ماڻھن کي کڻي غائب ڪرڻ جي حرڪت تي يقين ئي نٿو ڪري پوءِ اوھان خوامخواھ اھو ڇو ٿا چوندا  وتو تھ مان وزيراعظم طور اعليٰ سيڪورٽي قيادت سان ڪئين ڀيرا ڳالھھ ڪئي تھ اھو سلسلو ھاڻي بند ٿي وڃڻ گھرجي.

۽ پوءِ  HRCP، ايمنسٽي انٽرنيشنل  ۽ گڏيل قومن سان لاڳاپيل انساني حقن جي ادارن کي بھ واضح طور تي  لکو ته اسان تي الزام هڻڻ بند ڪريو. اسان ڪنهن به اهڙي ڪم ۾ ملوث نه آهيون. اسان آئين، قانون ۽ عدالتي انصاف تي يقين رکون ٿا.ڀلي اسان جو ڪو شهري ڪيترو به وڏو  قانون ٽوڙيندڙ هجي، ان جو فيصلو قانون جي ئي دائري ۾ ٿيندو. جيڪڏهن توهان  سڀاڻي ئي لکي موڪليو ۽ گڏوگڏ جبري اغوا جي متلق بين الاقوامي ڪنونشن جي بھ توثيق ڪري ڇڏيو تھ دشمنن جو وات سبجي ويندو.

پاڪستان اندر جن  سوين خاندانن جا ماڻھو اچانڪ گم ٿي ويا ۽ ڪيترن  سالن کان لاپتا آهن، انهن کان، پنھنجي باري ۾ بد زباني کان بچائڻ جو واحد طريقو اهو آهي ته انهن کي دليلن ۽ ثبوتن سان قائل ڪيو وڃي ته اوھان  جي پيارن کي در اصل اسان  نه پر دهشتگرد ورغلائي وٺي ويا آهن.

۽ اڪثر جيڪي لاش ھِتان ھتان کان يا ويران ھنڌن تان ملن ٿا  اھي دراصل دهشتگرد تنظيمن پاران خوف۽ ھراس  پکيڙڻ لاءِ جي ھڪ اٽڪل آھي،

ڇاڪاڻ جو  اهي پنھنجي مقصدن حاصل ڪرڻ ۾مسلسل ناڪام ٿي رهيا آهن، تنھنڪري اھي اھڙين حرڪتن تي لھي آيا آھن.

جيئن ته توهان سمورن شهرين جا محافظ آهيو،تنھنڪري اوھان  انهن پوليس اهلڪارن جي بھ ڇنڊڇاڻ ڪريو جيڪي ڪنھن جي گم ٿيڻ  جي ايف آءِ آر داخل نٿا ڪن. اغوا ٿيل ماڻهن جون  سي سي ٽي وي فوٽيجز  موجود آھن انھن کي اوھان  عام سڃاڻپ لاءِ ميڊيا تي مسلسل ھلايو تھ جيئن اغوا ۾ ملوث  علحيدگي پسند ڪنهن سرڪاري اداري جي وردي  يا جعلي سرڪاري نمبر پليٽ استعمال ڪندي شهرين کي کنڀي  رهيا هجن ته انهن جو ترت پيڇو ۽  سڃاڻپ ٿي سگهي.

جيڪي شهري ڪجهه عرصي کانپوءِ پنهنجن گهرن ڏانهن واپس موٽن ٿا، انهن جا بيان  به اوھان ئي قلمبند ڪريو ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته انھن کي ڪهڙي ملڪ دشمن ٽولي کنيو ۽ ڪٿي رکيو آهي.واپس موٽندڙن جي ڪڙي نگراني ڪريو، متان  اھي ٻيھر انھن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪن تھ توهان جا مضبوط هٿ انھن جي  ڳچيءَ تائين پهچي سگهن.ان مسئلي تي ھڪ ڪل جماعتي ڪانفرنس ڪوٺايو  ته جيئن توهان جي باري ۾ انهن جا شڪ دور ٿي سگھن.

گذريل حڪومت  جبري گمشدگين جي تدارڪ  ۽ ان جي  ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِجيڪو  قانون جو مسودو تيار ڪيو ھو ،ٻڌو آھي تھ اھو به غائب ٿي ويو آهي.

ان کان اڳ جو ملڪ دشمن ٻيا سرڪار دستاويز بھ غائب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن  توهان جو فرض آهي ته انهن دستاويزن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۾ حڪومت جي مدد لاءِ خاص ٽاسڪ فورسز سميت هر ممڪن وسيلا استعمال ڪريو.انھن  قدمن سان جيڪي ماڻھو سيڪيورٽي ادارن جي خلوص  ۽ قانون پسند ي جي باري ۾ ھاڻي تائين شڪ جو شڪار آھن انھن جي ڪنھن حد تائين تسلي ٿي سگھندي۽ ها. هن وقت تائين جيڪي سوين ماڻهو غائب  ٿي چڪا آهن،

جيئن  ته انهن جي گمشدگي ۾ اوهان جو ڪو به هٿ نه آهي، انڪر انھن سڀني جون تصويرون ۽ تفصيل  اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ گم ٿيلن جي ڳولا جي طور تي ھلائڻ جي اجازت ڏيو ۽ انهن مان ڪنهن جي باري ۾ ڪنهن به قسم جي  معلومات ڏيڻ تي معقول انعام پڻ رکو.انهن قدمن کان پوءِ مجال آھي جو اوھان ڏنھن ڪو آڱر بھ کڻي .ڇا توهان اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.