سپريم ڪورٽ، نائيٽ شفٽ ۽ انصاف جون گهرجون 

رياض ابڙو 

خاص پنجاب ۾ مُهڙ کان وٺي سياسي بحران ايترا ته ڳنڀير هلندا ٿا اچن جو ماڻهن جي نظر ۾ معاشي بحران پون وڃي کڏ ۾ رڳو سياسي بحران سڌا ٿي پون، ان ڪري دنيا کلي ٿي جو عام ماڻهو ته ٺهيو پر خاص ماڻهو (وزير) به پاڻ ۾ نه ٿا ٺهن، انهن کي پنهنجي سياسي سيليبس جي به خبر ناهي ته اهي ڪهڙي آئين ۽ قانون تحت ڪم ڪندا يا ڪهڙو آرٽيڪل انهن کي ٻوڙيندو، ووٽر يا پولنگ اسٽيشن تي جهيڙا يا لَٺِ لٺيئڙو ته ٿئي ٿو پر ايوان به بچيل ناهن يا وزيرن جي اڻ بڻت به اسيمبلين ۾ بحران پيدا ٿي ڪري يا انهن وزيرن جي فرمائش تي ڪو اهڙو قانون، آرٽيڪل، آئين يا شقون آڻجن جيڪي رڳو ٻه سٽيون هجن جيڪي اهي ياد به ڪري سگهن ان ڪري هر دفعي اسيمبليءَ جي ڪارروائيءَ کانپوءِ شارح ان ڳالھه  جي انتظار ۾ رهن ٿا ته اهي رات پيٽ ۾ ڪورٽون کولن ۽ سياسي پارٽين جي ڳالھه  من ۽ عن ٻُڌن، ان ڪري ته صبح سان متان دنيا ختم ٿي وڃي يا قيامت اچي، ان ڪري دنيا ڏسي ته انصاف جون سڀ تقاضائون پوريون ٿين ٿيون پيون، ڇو ته آئين جي تشريح ڪرڻ کانپوءِ ئي سڀ شيون شروع ٿين ٿيون، آرٽيڪل 63 اي جي شق ان ڳالھه  جي شاهد آهي ته پارٽي جو سربراھ ان ڳالھه  جو حق ٿو رکي اهو ته جيئن وڻيس تيئن پارٽي ميمبرن کان ڪم وٺي سگهي ٿو، يا ائين به ناهي ته پارٽي جا هڪڙا ميمبر هڪ کي ووٽ ڪن ته ٻيا ميمبر وري ٻين سياسي پارٽين کي ووٽ ڪن.

پي ٽي آءِ وارن جي وري ڌمڪي جي مٿان ڌمڪي لڳي پئي آ ته اهي آئين جي آرٽيڪل 199 يا 184 (3) تحت ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي چيلينج ڪري سگهن ٿا، پر ڊپٽي اسپيڪر ته رڳو ڪروٽ جي ان فيصلي جي روشني ۾ اها ڳالھه  چئي ويو يا ان ڳالھه  تي لکيل ليٽر پڙهي ٻڌايائين جنهن جي تصديق هن پاڻ فون ڪال ڪري چوڌري شجاعت کان پڇي پڪ ڪئي ته اهو ليٽر ڪوڙو آ سچو يا ان ليٽر جي بنياد تي ڪهڙو فيصلو ڪري يا انهن ڏهن ميمبرن جي ڏنل ووٽ کي رد ڪري يا نه ڪري، پر اهو به آهي ته آرٽيڪل 5 تحت ڪورٽون ايوان جي ڪاروائي ۾ دخل اندازي نه ٿيون ڪري سگهن يا آئين جي ان صوابديد جو فائدو ته قاسم سوري به ورتو يا پنهنجي جان ڇڏائي نڪري هليو ويو، آرٽيڪل 63 اي جي روشني ۾ اها ڳالھه  به واضع آ ته جيڪڏهن پارٽي جو ميمبر ئي هڪڙو آ ته اهو فيصلو ڪري سگهي ٿو ته ووٽ ڪنهن ڏيڻو آ يا ناهي ڏيڻو، يا هو پاڻ پنهنجي پارٽي تان استعفيٰ ڏئي ٻي پارٽي جوائن ڪري سگهي ٿو ان ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ روا ناهن يا ان جي سيٽ کي ڪو خطرو نه ٿو هجي، يا ميمبر پارٽي جي ڪنهن اصول يا رول جي انحرافي ڪري ته ان کي پارٽي اڳواڻ پارٽي مان ڪڍي سگهي ٿو جنهن صورت ۾ ان جي سيٽ رد ٿي سگهي ٿي، يا اڳواڻ ان ميمبر کي يا ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ کان منع ڪري سگهي ٿو، پارٽي اڳواڻ وزيراعظم يا وزيراعلي جي چونڊن يا بي اعتمادي جي ووٽ کان به منع يا هاڪاري ٿي سگهي ٿو، بجيٽ جي بل تي صحيح ڪرڻ کان به منع ڪري سگهي ٿو ان ڪري پارٽي اڳواڻ وٽ اهي صوابديد هجن ٿا.

ڳالھه  اصل ۾ چرچي کان چڙهي وئي آ ان ڪري جو هيل تائين ڪنهن ٻئي صوبي ۾ بحران ناهن آيا جيترا بحران پنجاب ۾ آيا يا ڪيا ويا آهن يا شروع کان ئي يا جڏهن کان پي ٽي آءِ سرڪار ۾ آئي آ تڏهن عام ماڻهو به آئين ۽ آرٽيڪل يا شقون سمجهي ويا آهن ته هڪ شق ۾ هڪ ڳالھه  آ ته ٻي شق ۾ ٻي ڳالھه  يا آئين ۾ پاڻ جهول آهن ان ڪري جنهن کي جتان ٿو وڻي آئين کي آلو لڪڻ يا چيگم ڪري ٿو ڇڏيس جو اهو رٻڙ وانگي ٿي ٿو پئي جنهن کي جيڪو جيترو ڇڪي ته ڇڪي يا اينگهائي سگهي ٿو آئين جي تشريح کڻي شارح ڪن پر اها شق ته ڊپٽي اسپيڪر پڙهي ٻڌائي سگهي ٿو پر ڳالھه  اها ضرور آهي ته اها شرح به شارح پاڻ ڪن ته سونهين ٿو، ان ڪري اها ڳالھه  جي ڪورٽ ۾ کڻي وڃي سگهجي هان ته ڀلو هيو يا ڪورٽ جي ان ڳالھه  کي ڪالعدم قرار ڏئي يا ڊپٽي اسپيڪر جي فيصلي کي ردِ ڪري ته ڪري سگهي ٿو جنهن جي لاءِ وري 13 پارٽيون يا قاف ليگ جو صدر ڪورٽ ڏي چومپليون گسائي يا پنڌ ڪري ته اهي ان ڳالھه  جي ڪهڙي تشريح ٿا ڪن، جي ڳالھه  ساڳي بيٺي ته پوءِ ڪورٽ ان ڳالھه  جي اجازت ڏئي سگهي ٿي ته حمزاشهباز وزيراعلي جي طور تي عارضي نه پر فل فليج ٿي ڪم ڪري سگهي ٿو نه ته ان کي انتظامي پاور نه هوندا يا رڳو عارضي ڪرسي سنڀالي ويهي سگهي ٿو جتي هو ڪا به اپوانٽمينٽ يا فيصلو نه ڪري سگهندو ان ڪري وري هڪ ٻيو آئيني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو يا ڇا اهي جيڪي 10 ميمبر آهن انهن جون وري چونڊون ٿينديون يا آخر ٿيڻو ڇاهي؟

هاڻي نين چونڊن جي حق ۾ نه پي پي آ نه ئي نون ليگ آ ان ڪري ٻئي سرڪار ۾ به آهن پر اڃان ڪي ڪم رهيل اٿن جيڪي ڪري چونڊن جي تياري ڪندا مثال پي پي سنڌ سرڪار هلائي ٿي ته ٻي پاسي نون ليگ وري مرڪز ۾ سرڪاري جوڙيون ويٺي آ ۽ ٻئي روئن به ٿا يا پي ٽي آءِ به ڪي پي ۾ سرڪار هلائي ٿي، پر هيل تائين خاص ڪري پي پي ۽ نون ليگ ڪنهن به صورت نين چونڊن وقت کان اڳ ڪرائڻ ۾ راضي ناهن توڻي جو عمران خان جي دور ۾ نون ليگ وارا نين چونڊن جي حق ۾ هيا يا نيون چونڊون وري پي پي وارا نه پيا چاهن يا ان ٽائيم تي نون ليگ وارا استعفائن جي حق ۾ هيا ته پي پي وارا لانگ مارچ جي حق ۾ هيا (۽ پي پي وارن آخر پنهنجو ضد پورو به ڪيو هيو جو 28 فيبروري 2022 تي اسلام آباد ڏي لانگ مارچ به ڪيو هين) پر ڳالھه يون هاڻي جي تناظر ۾ وڏي اهميت جي حامل آهن ته ملڪ ۾ نيون چونڊون وقت کان اڳ ۾ ٿين يا نه ٿين جنهن جي لاءِ عسڪري ادارا پاڻ کي نيوٽرل ثابت ڪرڻ ۾ ڪسر نه ٿا ڇڏن يا هر پنجينءَ پندرهينءَ اهو پيغام پڄائن ٿا ته ڪير به عسڪري قوتن جو نالو نه وٺي يا ڪير اهو نه چئي ته عسڪري قوتون ڪو ڪنهن جي پاسي به آهن ان ڪري هاڻي سڀ پارٽيون مٿو مٿي ۾ هڻي ويهن ۽ هاڻوڪي آئيني ۽ قانوني بحرانن مان ملڪ جي جان ڇڏائن ۽ نيون چونڊون ڪري ان ٻرندڙ بحران مان ملڪ کي ڪڍن، جيڪڏهن رڳو اليڪشن جو خرچ ڏسجي ته اهو 45 ارب روپين کان به تجاوز ڪندو (هڪ اندازي موجب) پر ملڪ اهڙي بيڪار صورتحال ۾ اچي اڙيو آ جو نين چونڊن کانسواءِ ان بحران جو ڪو حل ناهي.

پر ڳالھه  اها به ماري ٿي ته ادارن جي ساک باقي ناهي يا 13 پارٽين جي پويان به ها ٿڦڪي آهي جيڪا انهن کي همت ڏياري ٿي ته اٿو ۽ ڪم هلايو، يا عام راءِ اها ٿي بيهي ته آمريڪي نريٽوِ، عسڪري ادارا، 13 پارٽيون ۽ هڪ پي ٽي آءِ، پر پي ٽي آءِ جي ڪري يا پي ٽي آءِ جي هوڏ يا ضد جي ڪري عسڪري ادارا به نيوٽرل رهن ٿا يا ٻي راءِ به رکن ٿا يا اسپلٽ آهن، يا ڪورٽون به پهر وهن ٿيون جو 50 سال پراڻا ڪيس نه ٿيون اٿلائن پر ڪنُ رڳو ايوان ۽ اسيمبلين ڏي ڏيون ويٺا آهن جو جسٽس بنديال جي حڪم تي لاهور جي سپريم ڪورٽ واري رجسٽري ان مهڻي ۽ طعني کان بچڻ جي لاءِ رات جو به قاف ليگ کي انٽرٽين ٿي ڪري يا ٻڌي ٿي ته اهي جيڪي انصاف جو درُ رات به کڙڪائن ٿا ته انهن جي ٻڌي ٿي وڃي، پر وري مونجهارو اهو به آهي ته اهي جيڪي 10 قاف ليگ جا ميمبر ڪورٽ جي انحرافي ڪن ٿا يا ڊپٽي اسپيڪر ان پارٽي اڳواڻ جو خط پڙهي ٻڌائي ٿو ته پوءِ هن دفعي پڪڙ ڪنهن جي ٿيڻي آ ان 10 ميمبرن جي، يا اڳواڻ جي لکيل ليٽر جي يا ڊپٽي اسپيڪر جي يا اهي سڀ ڪاٺ ۾ ويندا يا رڳو چودري پرويزالاهي هاڻي حمزاشهباز جي پڳ ڌوڙ ڪندو جو اهي آئين ۽ قانون سان کلواڙ ٿا ڪن يا پنهنجون ڪورٽون کولي ٿا ويهن يا ڊپٽي اسپيڪر کي ان ڳالھه  جي به پڪ هئي ته جڏهن قاسم سوري تي ڪورٽ آڱر نه کنئي يا اهي آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ۾ نه اچي سگهيا يا انهن جي ڪيس جي ٻڌڻي ممڪن نه ٿي سگهي ته هاڻي ڪورٽ هن کي ڇا ڪندي، ان ڪري ته هي ته ان شخص يا پارٽي اڳواڻ جو لکيل رڪعو پڙهي ٿو ٻڌائي ان ۾ ڇاهي؟ ان ڪري ته پارٽي اڳواڻ پاڻ نه ٿو چاهي ته ان جي ميمبر ڪنهن به اڻ وڻندڙ شخص کي ووٽ ڏئي سگهن (قاف ليگ ۾ اندر وڏو ڏڦوڙ آ، اها ٻي ڳالھه  آ) ان ڪري هاڻي واري ڳالھه  مان جان ڇٽي ته ڪا ٻي ڳالھه  ڪجي ان ڪري جو هاڻي ماڻهن کان پيٽرول جون قيمتون ۽ مهانگائي ته وئي وسري رڳو ڊرائنگ روم ڊسڪشن اهي آهن ته هاڻي ڇا ٿيندو يا ملڪ ۾ آئيني بحران ڪاٿي دنگ ڪندا يا وزير ڪن ڇا ٿا يا ٿئي ڇا ٿو پيو؟.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.