ڊالر بلند کان بلند ترين، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 232 رپين تائين پهچي ويو

ڪراچي ( رپورٽر) ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۽ غير يقيني سبب ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي 232 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 3 رپيا 50 پئسا مهانگو ٿي 232 رپين تائين پهتو. سومر تي ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ واڌ رهي. ٻئي سيشن ۾ به رپيو وڌيڪ لاٿ جو شڪار رهيو ۽ ڊالر 3 رپيا 50 پئسا مهانگو ٿي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 232 رپين جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو.  فاريڪس ايسوسئيشن به ڊالر جي وڌڻ ۽ رپيو ڪرڻ جي تصديق ڪئي.  ميٽس گلوبل جي ڊائريڪٽر سعد بن نصير چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ سبب پيدا ٿيل غير يقيني رپئي تي دٻاءُ جو ڪارڻ آهي.  رپئي جي ملهه ۾ لاٿ سبب ڊالر ٻاهران گهرائيندڙ به ليٽر آف ڪريڊٽ تيزي سان کولڻ جو رستو اختيار ڪيو آهي. برآمد ڪندڙ  به رقم وڌ کان وڌ پرڏيهه موڪلي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.