ن ليگ عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيو جوڙڻ لڳي، انارڪي پکڙجڻ جو خدشو

اسلام آباد(م ڊ) مريم نواز ۽ پي ڊي ايم جي اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس کي هڪ نئون بيانيو جوڙڻ جي ڪوشش طور ڏٺو پيو وڃي، ڪجهه حلقن جي خيال ۾ اها ڪانفرنس سياسي اتحاد ۾ عدالتي فيصلن تي پيدا ٿيل ڪاوڙ جي به نشاندهي ڪري ٿي، سياسي تجزئي نگارن جي خيال ۾ ماضي ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ملڪ جي مقتدر حلقن خلاف کلي عام تقريرون ڪيون هيون ۽ ن ليگ پنجاب ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف هڪ پورو بيانيو بيهاريو هو جنهن کي بعد ۾ هڪ چونڊ هٿيار طور به استعمال ڪيو ويو، لاهور سان تعلق رکندڙ هڪ تجزئي نگار جنرل(ر) غلام مصطفيٰ چيو ته اها پريس ڪانفرنس هڪ نئون بيانيو جوڙڻ جي ڪوشش آهي، هن ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته ن ليگ عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيو جوڙڻ چاهي رهي آهي، ڇو ته کين اهو احساس آهي ته عمران خان بي اعتمادي رٿ کانپوءِ هڪ جاندار بيانيو جوڙيو، جنهن کي عوام ۾ مقبوليت حاصل ٿي، هاڻي اها ن ليگ پنهنجو بيانيو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن عوام کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرائي سگهجي، هن چيو ته عوام ان بيانئي کي نه مڃيندو ڇو ته ماضي ۾ به انهن اهڙا بيانيا جوڙيا ۽ پوءِ پٺتي هٽي ويا، هاڻي شهبازشريف ان بيانئي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، اهي فضل الرحمان تي ڀاڙي رهيا آهن ته هن جي افرادي قوت سان ڪنهن کي ڊيڄارڻ لاءِ استعمال ڪندا، صحافي ۽ تجزئي نگار فوزيا شاهد چيو ته ن ليگ کي احساس ٿيو آهي ته نيوٽرل مڪمل طور تي نيوٽرل ناهي، ن ليگ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيڪڏهن نيوٽرل مڪمل طور تي نيوٽرل نه رهيا ته پوءِ مزاحمت ٿيندي ۽ ان ۾ رڳو ن ليگ نه بلڪه پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون شامل هونديون، ڪيترن ئي تنقيد ڪندڙن جو خيال آهي ته اقتدار ۾ رهڻ باوجود جيڪڏهن ن ليگ يا پي ڊي ايم اسٽيبلشمينٽ تي ان طرح تنقيد ڪندا ته ان جي آجيان نه ڪئي ويندي، جنرل(ر) غلام مصطفيٰ چيو ته پهرين به ان طرح جي بيانن کي سخت ناپسنديدگي جي نظر سان ڏٺو ويو، هاڻي به ان کي اڻوڻندڙ نظر سان ڏٺو پيو وڃي، ڪجهه تنقيد ڪنڙن جو خيال آهي ته پي ڊي ايم اڳواڻن جهڙي طرح اڄ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي ان تي توهين عدالت لڳي سگهي ٿي، جسٽس (ر) وجيهه الدين چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ٻئي عدالت تي تنقيد ڪري رهيون آهن، جنهن جو اهو مطلب آهي ته عدالتن فيصلو قانوني مامرن کي پيش نطر رکي ڏنو، اها ملڪ ۾ غلط روايت پئجي رهي آهي ته جنهن خلاف به فيصلو اچي ته اهو روڊن تي اچي ۽ عدالتن تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، سياسي جماعتن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته انهن جي روئي سان انارڪي پکيڙجي سگهجي ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.