ڪياماڙي ۾ ڇاپو، بس جي خانن مان لکين رپين جي منشيات هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪياماڙي پوليس ڪاروائي ڪندي يوسف ڳوٺ ٽرمينل تي ڇاپو هڻي بس جي خفيه خانن مان لکين رپين جي منشيات هٿ ڪري ورتي، ايس پي بلديا ٽائون ڪيپٽن رٽائرڊ فيضان موجب ڪياماڙي ضلعي جي سعيد آباد پوليس اسٽيشن جي عملي يوسف گوٺ بس ٽرمينل تي ڪامياب ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري  لکين روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري ورتي آهي . گرفتار جوابدارن ۾ بس ڊرائيور اول جان ولد ابوبڪر، عبدالرئوف ولد محمد بخش ۽ فدا احمد ولد بخشي شامل آهن، جڏهن ته 2 جوابدارن نيڪ محمد ۽ محمد ممتاز موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.  ڪامياب ڪارروائي دوران ڪوئيٽا مان اسمگل ٿيل 40 ڪلو گرام اعليٰ قسم جي چرس هٿ ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.