پي ڊي ايم وارا ٻارن وانگر روئي رهيا آهن،حڪومت عدالت خلاف مهم هلائيندي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته اسان جي موقف جي عدالت جي فيصلن تصديق ڪئي آهي، قوم کي اڳواٽ مبارڪ هجي، ٻي طرف جا وڪيل رڳو فل ڪورٽ جي استدعا ڪري رهيا هئا، ڪيس جي ميرٽ تي نه ڳالهائي رهيا هئا، هن چيو ته حمزا شهباز کي ان ڪرسي تي ويهڻ جا پهرين به ڏينهن مليا ۽ هاڻي به ڏينهن ملي رهيا آهن، عدالت انهن کي وڌيڪ موقعو ڏنو، هن چيو ته اميد آهي ته اڄ حتمي فيصلو ٿي ويندو، اهي ٻن ڏينهن کان پريس ڪانفرنس ۾ چئي رهيا آهن ته عدليه سٺي ناهي، اسان کي اميد آهي ته اڄ فيصلو اچي ويندو، سوڀ سچ جي ٿيندي، هن چيو ته عدالت پڇندي رهي ته ڪٿي لکيل آهي ته فيصلو جماعت جو سربراهه ڪندو؟ عدالت انهن کي گهڻو وقت ڏنو پر انهن وٽ جواب ڪو به نه هو، هن چيو ته دليل ڪو به ناهي، رڳو جذبات ۽ سياست جي ڳالهه ٿي رهي آهي، فوج تي حملا ٿي رهيا آهن، هوڏانهن شهباز گل چيو ته اڄوڪي فيصلي مطابق سپريم ڪورٽ بدمعاشن جي بدمعاشي ۽ ڌمڪنين کي رد ڪيو آهي، هوڏانهن فواد چوڌري چيو ته پي ڊي ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس حيران ڪندڙ هئي، اتحادي حڪومتي اڳواڻن سڌو سنئون عدليه تي حملو ڪيو، توهان ۾ ٿورو شرم حيا آهي ته سپريم ڪورٽ کان معافي وٺو، انهن سڀني پريس ڪانفرنس ڪندڙن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن، هن چيو ته مريم اورنگزيب کي ته 14 سالن جي سزا ٿيڻ گهرجي، هن جي مڙس کي سگريٽ جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي، فل ڪورٽ جي مطالبي جو مقصد ڪيس کي ڊيگهه ڏيڻ آهي، پنجاب حڪومت جو بحران پوري پاڪستان تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، اميد آهي ته عدالت دٻاءُ ۾ نه ايندي، هن چيو ته فلم لنڊن نهين جائون گي جا سمورا ڪردار پريس ڪانفرنس ۾ موجود هئا، جنهن گروهه پريس ڪانفرنس ڪئي ان لاءِ سسلين مافيا جي ٽرم بيان ڪئي وئي آهي، هن چيو ته مريم نواز ضمانت تي اهي پوءِ به اهڙيون ڳالهيون ڪري رهي آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو ڳالهائي رهيو آهي، سنڌ ۾ برسات سان پوري ڪراچي سوئمنگ پول بڻجي وئي آهي، ڪراچي پاڻي سان ڀرجي ويو آهي ۽ بلاول وزيراعليٰ پنجاب لاءِ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي، بلاول کي ٻڌائڻو آهي ته بينظير ڀٽو سڄي ڄمار شريف ڀائرن جي عتاب هيٺ رهي، فضل الرحمان ڪالهه کان ڌمڪيون ڏيڻ آيو آهي، هن جو پنجاب سان ڪهڙو تعلق؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.