3 شخص ملڪ جي قسمت جو فيصلو نٿا ڪري سگهن، اسان کي فل ڪورٽ بئنچ گهرجي: پي ڊي ايم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) حڪمران اتحاد جي اڳواڻن پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف درخواست جي ٻُڌڻيءَ لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آئين، پارليامينٽ۽ ان جي فيصلن جو احترام ٿيڻ گهرجي، قومي يڪجهتي جي سوچ سياسي قيادت سان گڏوگڏ ادارن کي به ٿيڻ گهرجي، ان صورت ۾ ملڪ ڏُکي صورتحال مان نڪري سگهي ٿو، پاڪستان تي ڪو سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون ڪنهن به قسم جي نرم مداخلت جمهوري اصولن تحت درست نه هوندي، اتحادي حڪومت پنهنجو آئيني مُدو پورو ڪندي. اهڙو اظهار حڪومت اتحاد سان تعلق رکندڙ سياسي پارٽين جي اڳواڻن سومر ڏينهن هتي وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو ته ٻي عالمي جنگ جي وقت اهو سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن اسان جون عدالتون انصاف ڏئي رهيون آهن ته پوءِ ڪير به اسان کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. اهڙيءَ طرح خلفاءِ راشدين جو قول آهي ته دنيا ۾ ڪفر جو نظام هلي سگهي ٿو ظلم جو نه. مريم نواز چيو ته منهنجي ڪجهه همدردن مونکي مشورو ڏنو ته پاناما ڪيس جي اپيل هاءِ ڪورٽ ۾ حتمي مرحلي ۾ آهي، ان لاءِ پريس ڪانفرنس نه ڪيو، ان جو ان ٻُڌڻيءَ تي اثر پئجي سگهي ٿو. جڏهن ته مان کين جواب ڏنو ته اسان کي قوم جو سوچڻو آهي، قوم آڏو ڪجهه حقيقتون رکڻيون آهن. هن چيو ته ڪوبه عدالتي فيصلو غلط ٿي سگهي ٿو پر غلط فيصلن جو تسلسل غلط آهي. هن چيو ته 2016ع کان عدالتي فيصلن سان لڱ ڪانڊارجڻ جو هڪ داستان سامهون اچي ٿو. هن چيو ته عدالتن جا فيصلا ڪڏهن به غلط نٿا ٿي سگهن پر انهن جا اثر ڏهاڪن تائين رهندا آهن. ايندڙ وقت ۾ انهن جا اثر وڌيڪ گهرا ٿيندا آهن. هن چيو ته ڪنهن به اداري جي توهين ڪڏهن به اداري مان ٻاهران ناهي ايندا، اداري جي اندران ئي ٿيندي آهي. تڪراري فيصلن سان عدليه جي توهين ٿيندي آهي، انصاف تي ٻَڌل فيصلن تي جيتري به تنقيد ڪئي وڃي ڪا معنيٰ نٿي رکي. پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ٿي جنهن تي پي ٽي آءِ عدالت جون ڀتيون اورانگهي سپريم ڪورٽ رجسٽري برانچ وئي جڏهن ته پٽيشن اڃا تيار ٿي رهي آهي ۽ ان جو انتظار ڪيو ويو. اها هن ملڪ ۾ انصاف جي حقيقت آهي. سينيٽ جي چونڊ ۾ 6 ووٽ رد ڪيا ويا ته ان وقت عدالتي مؤقف هو ته چيئرمين جي رولنگ چئلينج نٿي ٿي سگهي، جڏهن ته پنجاب ۾ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي مرضيءَ خلاف جنهن ووٽ ڏنا انهن جا ووٽ عدالتي فيصلي تحت رد ڪرڻ تي ڊپٽي اسپيڪر کي طلب ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري کي عدالت ۾ ڇو طلب نه ڪيو ويو؟ مريم نواز چيو ته جعلي ووٽ ثابت ٿيڻ باوجود اهي اڍائي سالن کان سپريم ڪورٽ جي منع نامي تي آهن. آئين ٽوڙڻ تي صدر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي ڪنهن عدالت ناهي سڏايو. هن چيو ته پنجاب اسيمبليءَ جي 25 ميمبرن کي پارٽي سربراهه جي مرضيءَ خلاف ووٽ ڏيڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو ۽ اهو فيصلو ڏنو ويو ته سندن ووٽ شمار نه ٿيندا. 95 سيڪڙو قانوندانن چيو ته اهو فيصلو آئين کي ٻيهر لِکڻ جي برابر آهي، اهي 25 ميمبر پي ٽي آءِ جي جهوليءَ ۾ وڌا ويا ۽ هاڻي مسلم ليگ (ق) جي 10 ميمبرن کي به ان فيصلي جي ابتڙ پي ٽي آءِ جي جهوليءَ ۾ ڏنو ويو. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر گهٽ سمجهڻ ۽ پي ٽي آءِ کي اُتم سمجهڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟ مريم نواز چيو ته عمران خان جي حوالي سان آئين جي تشريح بدلجي وڃي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن انصاف جي تارازو ٺيڪ ڪيو وڃي ته پاڪستان ٺيڪ ٿي ويندو. الائي ڪٿان عدالتون ٽرسٽي وزيراعليٰ، بليڪ لا ڊڪشنري جا الفاظ اخذ ڪنديون آهن. حمزه شهباز کي وزيراعليٰ بڻجڻ بعد ڪم ڪرڻ کان روڪيو وڃي، شهباز شريف جڏهن ته وزيراعظم بڻيو آهي، اڪثر عدالتن ۾ نظر اچي ٿو. هن چيو ته اسان سان ڪيل ناانصافين جي ڊگهي فهرست آهي. مريم نواز چيو ته اپريل 2022ع ۾ جڏهن اسان کي حڪومت ملي ۽ اڄ جولاءِ 2022ع کي ڀيٽ ڪجي ته معيشت جي صورتحال جي ڀيٽ 2017ع کان ٿيندي. هن چيو ته عمران خان قوم جا اربين رپيا ملڪ رياض کي ڏنا. 2017ع بعد ملڪ جي اهڙي صورتحال ٿي جيڪا اڄ تائين سنڀالجي ناهي سگهي. ان وقت سمورا اهڃاڻ هاڪاري هئا، اقامي جهڙي مذاق تي نواز شريف کي ڪڍيو ويو، تڏهن کان ملڪ هڏڪيون ڏئي رهيو آهي ۽ اڄ تائين سنڀالجي ناهي رهيو، ان وقت واٽس ايپ تي جي آءِ ٽي بڻائي وئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مانيٽرنگ جج لڳايو ويو. هن سوال ڪيو ته مسلم ليگ (ن) خلاف مخصوص ججن کي ئي ڇو بينچ ۾ ويهاريو ويندو آهي؟ کيس گارڊ فادر ۽ سسيلين جهڙن لقبن سان نوازيو ويو. سڄي دنيا ۾ اسان خلاف کوجي ڊوڙايا ويا جڏهن ڪو ثبوت نه مليو ته آخر ۾ اقامي تي وزيراعظم کي ڪڍيو ويو. هن چيو ته عمران خان ججن ۽ انصاف جو مذاق اُڏايو، توهين عدالت ۾ اسان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي چونڊي چونڊي ٻاهر ڪڍيو ويو. طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز اڄ ڏينهن تائين نااهل آهن. هن چيو ته عمران خان جي حڪم تي لانگ مارچ دوران ملڪيتن کي باهه ڏني وئي، ان وقت چيو ويو ته شايد ڳوڙها آڻيندڙ گيس کان بچڻ لاءِ باهه ٻاري وئي. عمران خان جعلي دستاويزن سان 300 ڪينال تي ٻَڌل بني گاله جو محل ريولگرائز ڪرايو، عمران خان سول نافرماني ڪئي، پي ٽي وي تي حملي ڪرايو، عمران خان سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ جي عمارتن جي توهين ڪئي، جيڪڏهن غنڊه گردي ۽ گار ڏيڻ معيار آهي ته ان تي عمران خان پورو لهي ٿو. عمران خان پوري اسلام آباد ۾ باهه لڳائي ڇڏي ڪنهن ڪجهه نه چيو، جيڪڏهن ڪا ٻي جماعت هنگامو ڪري ها ته هاڻي تائين کين نشانِ عبرت بڻايو وڃي ها. هن چيو ته ٻِٽو معيار ختم ٿيندو ته ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته فارين فنڊنگ ڪيس تحت پي ٽي آءِ جعلي اڪائونٽن تي اسرائيل ۽ ڀارت سان منع ٿيل فنڊنگ ورتي. 7 سالن کان قوم ان فيصلي جي منتظر آهي، جيڪڏهن اهو الزام تي هجي ها ته ڪيئن هجي ها. هن چيو ته اڄ ملڪ جي معاشي حالت، ٻيهر لوڊشيڊنگ، دنيا جي ناراضگي، پي ٽي آءِ جي 4 سالن جي ڪارنامن ۽ ڪجهه تڪراري فيصلن جي ڪري آهي. هن چيو ته 25 مئي تي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جون ڌڄيون اُڏايون ويون جنهن تي ڪورٽ طرفان اهو چيو ويو ته ٿي سگهي ٿو ته عمران خان تائين اسان جا حڪم پهتا ئي نه هجن. مريم نواز جي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته فيصلا عمران خان جي بدتميزي ۽ دٻاءُ تي نه ٿيندا، اسان کي ويڙهه وڙهڻ ايندي آهي، عمران خان جي ڪا قرباني ناهي، کيس ڪڏهن ڪنڊو به ناهي چُڀيو، جڏهن ته نواز شريف ۽ هتي ويٺل قيادت اهڙيون قربانيون ڏنيون آهن جن جو ازالو ممڪن ناهي، ڪنهن کي پليٽ ۾ رکي حڪومت نه وٺڻ ڏينداسين، جيڪڏهن دٻاءُ وجهي فيصلا ڪرايا ويا ته ڪا حڪومت نه هلي سگهندي. هن چيو ته 20 مان 15 سيٽون کٽيندڙ به ڌانڌليءَ جا الزام لڳائي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته اسان حڪومت ۾ آهيون پر اسان ڪو ڪم يا ڪارڪردگي ان وقت ڏيکاري سگهون ٿا جڏهن اسان عدالتن مان نڪري ڪم ڪريون. حمزه شهباز جڏهن کان وڏو وزير بڻيو آهي ته کيس هڪ ڏينهن به سڪون سان ڪم ناهي ڪرڻ ڏنو ويو. هوڏانهن پي ڊي ايم ۽ جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته مريم نواز جي سمورين ڳالهين جي تائيد ڪريون ٿا، اسان کي عدالت کي تحفظ ڏيڻ لاءِ آخري حد تائين وڃڻو آهي. هن چيو ته اسان هن ملڪ جا شهري آهيون، اسان کي ملڪ کان وفاداري آهي، پارليامينٽ کي طاقتور بڻائڻ لاءِ اسان کي اڳيان وڌڻو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ، حڪومت ۽ ادارن کي سپورٽ ٿيندي ته ملڪ ۾ استحڪام ايندو. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي ڪيس ۾ فل ڪورٽ اسان جو مطالبو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته آئين، پارليامان ۽ ان جي فيصلن جو احترام ٿيڻ گهرجي. هوڏانهن پ پ جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان پارليامينٽ کي طاقتور بڻائڻ لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ آئيني طريقي سان هلي، عمران خان جي دٻاءُ ۾ اچي آئين کي تبديل نٿو ڪري سگهجي، اسان جو مؤقف آهي ته سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ بينچ جوڙي ۽ سپريم ڪورٽ جا سمورا جج پنجاب جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي فيصلي جي اهم ڪيس کي ٻُڌن، سندن جيڪو به فيصلو اهو آئين ۽ قانون موجب هوندو، اسان سڀ ان کي تسليم ڪنداسين. مسلم ليگ (ق) جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي وزير چوڌري طارق بشير چيما چيو ته اهو مطالبو جائز آهي ته اسان فل ڪورٽ چاهيون ٿا ۽ ان ۾ ڪو حرج ناهي ۽ اسان کي ان بابت ڪابه پريشاني ناهي ته موجوده بينچ جا ميمبر 3 جج به ان فل ڪورٽ جو حصو هجن. بلوچستان عوامي پارٽيءَ جي اڳواڻ خالد مگسي چيو ته 70 سال جا تجربا ۽ حالتون سڀني آڏو آهن، پهريان قبائلي علائقن جي حالت ٺيڪ نه هئي، اڄ سڄي ملڪ ۾ اهڙيون ئي حالتون نظر اچي رهيون آهن. هن چيو ته جيڪڏهن حمزه شهباز جي معاملي ۾ فل ڪورٽ جوڙي وڃي ته ان ۾ ڪو حرج ناهي، اسان سڀني جو اهوئي مطالبو آهي. اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان چيو ته اڄ اسان سڀئي يڪجهتيءَ سان هڪ مؤقف رکون ٿا. هن چيو ته 1973ع جي آئين سڄي ملڪ کي هڪ ڪري رکيو آهي. هن چيو ته جمهوريت ۽ جمهوري نظام مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملڪ کي بچائڻ لاءِ معيشت تي ڌيان ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي آئيني دائره ڪار ۾ رهندي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي.بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي اڳواڻ آغا حسن بلوچ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته عدالت ۾ داخلا تي پابندي سياستدانن کي پنهنجي حق کان محروم ڪرڻ ۽ جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جي برابر عمل آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جو ڪم قانون ٺاهڻ، عدليه جو ڪم غير جانبدار رهي عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ آهي. پاڪستان جي سمورن سياسي پارٽين جي سربراهن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته فل ڪورٽ بينچ جوڙڻ گهرجي. ايم اين اي اسلم ڀوٽاڻي چيو ته اتحادي پارٽين جي فل ڪورٽ مطالبي جي تائيد ڪريون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.