سنڌ ۾ برسات جي تباهي، وڌيڪ 12 ڄڻا فوت، ڪيترائي علائقا ٻڏي ويا، گهارا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر(نمائندا) ڪراچي جي مختلف علائقن، ايئرپورٽ، ٽنڊو الهيار ڪلفٽن، محمد علي سوسائٽي، ڊفينس ڏسڻ، شاهراهه فيصل، ڊي ايڇ اي جي مختلف علائقن ۾ برسات پئي. ، ڪورنگي به متاثر ٿي ويو، گلشن حديد سميت مختلف علائقن ۾ وچولي ۽ هلڪي برسات پئي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات پئي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات پوڻ جي دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۽ حادثن ۾ ٻن نينگرين سميت 6 ڄڻا پڻ فوت ٿي ويا. لياري جي علائقي چاڪيواڙا۾ واقعي بيھار ڪالوني جي اسٽريٽ نمبر ۾ 2 ڀرسان بجلي جو اوچتو ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 10 ورھين جي نينگري حفيظا ڌي رحمان ۽ 35 ورھين جو رحمان ولد عثمان فوت ٿي ويا، موچڪو ٿاڻي جي حد نادرن باء پاس لون ڳوٺ جي ڀرسان 14 سالن جي نينگري سڪينا ڌي علي مراد پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي، سرجاڻي ٽائون سيڪٽر 51 جي ڀرسان ال انس اسپتال جي لڳ پاڻي جي تلاء مان 6 سالن جي معصوم ٻار احد علي ولد محمد حسن جو لاش مليو . ڪلفٽن جي علائقي ضياء الدين اسپتال جي ڀرسان پاڻي جي نالي مان 17 سالن جي بلال ولد عطاء الرحمان جو لاش ايڌي رضاڪارن ٻاھر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. گلشن اقبال بلاڪ 13 ڊي گالا ريسٽورنٽ جي ڀرسان مين روڊ تان 50 کان 55 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش ھٿ آيو، موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سومر تي سڀ کان وڌيڪ برسات قائد آباد ۾ 39.1 ملي ميٽر، پي اي ايف بيس فيصل 14.5، ڪورنگي 11.5، اولڊ ايئرپورٽ 9.8، جناح ٽرمينل 8، يونيورسٽي روڊ 7.2، ڊي ايڇ اي فيضو 5.8، گلشن حديد ۾ 5.8 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. سعدي ٽائون 4.6، صدر ۽ پي اي ايف بيس مسرور 3، گڊاپ ٽائون 2.6، گلشن مري 2.2، اورنگي ٽائون 1.4 جڏهن ته نارٿ ڪراچي ۾ سڀ کان گھٽ 0.6 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات صدر ۾ 217 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي هئي.موسميات کاتي موجب تازو برساتن جو سسٽم ڪو به اڳوڻو رڪارڊ نه ٽوڙي سگهيو ڇو ته جولاءِ جي سڄي مهيني ۾ شهر جي ٽن سرڪاري موسميات اسٽيشنن تي برسات جو رڪارڊ آهي جنهن جو رڪارڊ اولڊ ايئرپورٽ تي 429.3 ملي ميٽر هو. 1967 ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر جي مون سون برساتن جي الرٽ موجب وچولي ۽ اولهندي سنڌ مٿان مون سون جي تيز هوائن جو گهٽ دٻاءُ اڃا به برقرار آهي، جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي آهي، لو پريشر ساحلي علائقن ڏانهن وڌڻ جو امڪان آهي. بلوچستان جي.ان جي اثر هيٺ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٺٽي، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، حيدرآباد، مٽياري، سانگهڙ، نوابشاهه، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، دادو، ڄامشورو، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، گهوٽڪي ۽ ڪشمور شامل آهن. جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سڀاڻي ۽ پراڻي تي گجگوڙ سان برسات جو سلسلو جاري رهندو. کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد، مٽياري، ٺٽي، سجاول، بدين، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، سانگهڙ، نواب شاهه، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، دادو، ڄامشورو، قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ سکر ان جي اثر هيٺ آهن. موسميات جو نظام، جنهن جي نتيجي ۾ شهري علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ، خضدار، لسبيلا، حب ۽ کيرٿر رينجز ۾ مسلسل تيز برساتن سبب حب ڊيم تي دٻاءُ پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن سبب ٻوڏ جو خدشو آهي. دادو، ڄامشورو ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ سمورن لاڳاپيل اختيارين کي گذارش آهي ته هو الرٽ رهن ۽ ضروري ڪارروائي ڪن.ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي برسات پوڻ سبب ڪيترائي گهر ڪري پٽ پئجي ويا آهن. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن برسات پوڻ سبب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ڳجهڙ ۾ پورهيت وزير علي سانگهرو جو گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 17 ورهين جو وقار علي سانگهرو فوت ٿي ويو جڏھن ته پورهيت وزير سانگهرو، مظهر سانگهرو ۽ مسمات حاجاڻي سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي ڏوڪري اسپتال آندو ويو. هوڏانهن ٽائون ڪاميٽي جي ملازم نديم جوڻيجو، پ پ ليبر بيورو اڳواڻ علي گوهر جتوئي ۽ ٻين جا گهر ڪري پيا آهن. ٻي پاسي ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سهيڙ رهواسي علي گوهر انڙ جي گهر جي ڀت ڪرڻ سبب 45 ورهين جي مسمات گلستان زال علي گوهر انڙ زخمي ٿي پئي، زخمي عورت کي اسپتال نيو پيو وڃي ته زخمين جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي وئي، نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ ڪرڙ کوسو ۾ گذريل رات تيز برسات جي ڪري گھر جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 70 ورھين جو پيرسن نور محمد عرف نورل کوسو ھيٺان اچي فوت ٿي ويو ٻڌايو پيو وڃي ته غربت سبب گھر جي ڇت نه ٺھرائي سگهيو ھو مينھن جي پاڻي کان بچڻ لاء کٽ مٿان پلاسٽڪ جي ڪلي وجھي پاڻ کٽ جي ھيٺان ستو پيو ھو ته تيز برسات سبب سندس مٿان گھر جي ڀت ڪري پئي ۽ سندس گھر واري جي رڙين تي پاڙي وارن کوٽي نورمحمد عرف نورل کي ٻاھر ڪڍيو پر سندس جو دم ڌڻي حوالي ٿي چڪو ھو ۽ گھر ۾ قھرام مچي ويو ، راڻيپور جي ڊومڪي محلا ۾ گذريل ڏينھن پيل تيز برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ملبي ھيٺيان اچي هڪ عورت پنجاھ سالا مسمات فيروزا ڊومڪي دٻجي ٿڏي تي فوت ٿي وئي. جڏهن ته هڪ سال جو حسن ڊومڪي، ڇهن سالن جي سويرا ڊومڪي ۽ هڪ نينگري اشرف سخت زخمي ٿي پيا. جن کي اتي موجود ماڻھن ۽ محلي واسين پنھنجي مدد پاڻ ملبي مان ڪڍي ڪري ايمرجنسي حالت ۾ علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. جيڪي علاج ھيٺ آھن. جڏھن ته فوتي عورت جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. عورت جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو جڏهن ته زخمي ٻارن جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي.ٻئي پاسي محلي واسين ۽ گھر ڌڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٽائون انتظاميه جي لاپرواھي ۽ ڪوتائي سبب اھو واقعو پيش آيو ڇا ڪاڻ جو ڊرينيج اسٽيشن ۽ محلن جي نالين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري پاڻي اور فلو ٿيڻ ڪري اسان جي گھر ۾ داخل ٿيو ۽ حادثو پيش آيو. ٽنڊو آدم ۾ برسات کانپوء ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ ڳوٺ عارب خاصخيلي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 55 ورهين جو مولوي احمد خاصخيلي فوت ٿي ويو جڏهن سراج ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ڏهين ڪلاس جو شاگرد 15 ورهين جو حمزه ولد محمد الياس فوت ٿي ويو جڏهن ته الهيار ڳوٺ ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب غلام علي پٽ محمد صوبا ملڪ زخمي ٿي پيو جنهن کي تعلقي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي، حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪالهه به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، مسلسل هلندڙ برسات جي وسڪاري سبب حيدرآباد جا هيٺياهين وارا سمورا علائقا برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا، شهر جي ڪيترن ئي مک روڊن تي پڻ پاڻي بيٺل رهيو، جنهن ڪري شهري پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا، حيدرآباد جي فقير جي پڙ ۽ ڪلاٿ مارڪيٽ واري علائقي ۾ پاڻي بيهڻ ڪري ڪاروباري زندگي سخت متاثر ٿي. حيدرآباد جي ريلوي ڪالوني، حالي روڊ وارن علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. جڏهن ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي پڻ بند رهي. آٽوڀان روڊ جي ڪيترن ئي حصن ۾ پڻ برساتي پاڻي بيٺل رهيو. هوڏانهن ضلعي انتظاميا دعويٰ ڪري رهي آهي ته برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڏينهن رات ڪم هلي رهيو آهي، هيوي مشينري ذريعي شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جلد ئي برساتي پاڻي نيڪال ڪري شهرين کي رليف پهچايو ويندو دادو ۾ تيز هوائن ، گوڙ جي ڌماڪن ۽ کنوڻ سان برسات جو زوردار وسڪارو مسلسل ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهيو، جنهن سبب دادو شهر جي روڊن  ،  رستن ۽ گهٽين کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ، روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ ڏيڍ کان ٻه فوٽ تائين پاڻي بيهي ويو آهي ، جنهن سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهي برسات سبب ماروي ، قائم ننگر ، بٺ پاڙو ، مرکپور ، شاهاڻي ، سورج آباد ، شهباز ڪالوني ۽ ٻين پاڙن ۾ هيٺائين وارن گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو برسات سبب بجلي جو سسٽم دربرهم شهر جي 15 فيڊرن تي رات دير تائين بجلي جي سپلاء بند ڪئي وئي آهي، بلڙي شاهه ڪريم ويجھو  يونين ڪاؤنسل عبدالخالق سومرو جي ديھ ڍٽ جي مسافر ڳوٺ ۾ نئين ڪالوني قائم ٿيل ۾ غريب پورھيتن جا اجھا ڊھي پٽ پئجي ويا گمبٽ ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان سڄو ڏينهن تيز برسات پوڻ سبب شهر ۾ گوڏي کان مٿي پاڻي بيهجي ويو آهي ۽ شهرين جي دڪانن گھرن اندر توڙي اسپتال ۾ تلائن وانگر بيٺل آهي جنهن ڪري ڪاروبار ٺپ ٿيڻ سميت انساني زندگيءَ مفلوج بڻجي وئي ۽ ماڻھو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آھن، گهارو ۾ گذريل رات کان هلندڙ برسات سبب جبلن کان آيل پاڻي ريلن جي صورت ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ داخل ٿي ويو.قومي شاهراھ مڪمل طورپاڻي سان ڀرجي ويو جنهن بعد ڊي سي ٺٽو مشنريءَ سميت گهارو پهچي روڊ کي ڪٽ ھڻائي پاڻي جو جو رُخ شهرکان ڪريڪ طرف موڙي ڇڏيو.جنهن بعد پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٽي ايم او ۽ مقامي انتظاميه موٽرون لڳائي ٻڏل علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيوآھي. گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چوماسي جي برسات جو وسڪارو جاري، موسم خوشگوار ٿي وئي، شهر جي گهٽيون ۽ روڊ تلاءَ بڻجي ويا، جڏهن ته شهر جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب شهري پريشاني ۾ پئجي ويا، غوثپور شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان گذريل ٻن ڏينهن کان برسات وقفي وقفي سان هلندڙ جنهن سبب شهر جي مختلف محلن ۽ شهر جي مئن بازار، مسجد محلو ،مُکي محلو ،عيد گاہ محلو ،رستم ڳوٺ سميت برسات پوڻ سبب پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جنهن سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي ،برسات پوڻ کان پوءِ گرمي جو زور ٽٽي پيو آهي ۽ هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو  مسلسل بارش هجڻ ڪري ٽائون انتظاميا طرفان ڪي به پاڻي جي نيڪال لاءِ اپاءَ نه ورتا ويا جنهن سبب سڄو شهر ڍنڍ جو ڏيک ڏيڻ لڳو.  اسلام ڪوٽ ۾ 48 ڪلاڪن کان لڳاتار برسات،سمورو شهر ۽ پاڙا پاڻي هيٺ،سوين ڪچا گهر ڊهي پيا،ورهين پُراڻي ڊرينج اسڪيم ذريعي پاڻي ڪڍڻ کان قصو چڙهي ويو،انتظاميا بيوس،فوڪل پرسن واري وزير شهر ٻُڏڻ باوجود غائب رهيو،ٿرڪول بلاڪ ون جي مائينگ جي ڊمپنگ تي گڏ ٿيل برسات جي پاڻي کي ڏنل بند ٽٽي پيو،پاڻي ندي جيان ڊمپنگ تان هيٺ لهي ڳوٺ جي گهرن  طرف وڌڻ لڳو،ڊمپنگ تان لهندڙ پاڻي ڳوٺ کاريو غلام شاھ ۾ مهراڻپوٽن جي گهرن جي ويجهو پهچي ويو،پاڻي سيد غلام شاھ جي درگاه کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو،ڳوٺاڻن ۾ خوف ۽ حراس ڇاننجي ويو، جهمپير  ۾ ڪيترائي ڪلاڪ مسلسل برسات سبب نيئون ڍورا ڪلون ڪهي آيون جهمپير کان ٺٽي ايندڙ ويندڙ رستا مڪمل پاڻي هيٺ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ڪيترائي ڪکاون گهر ڪري پٽ پئجي ويا .ڪوب جاني نقصان ن ٿيو . جوهي ۾ مسلسل چئن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات پوڻ ڪري جوهي شھر ۽ ان جي اوڀر طرف ڪچي آبادي ۾ نيڪال ۽ ڊرينيج سسٽم ناڪاره هئڻ ڪري شھر بازارن محلن اندر اڍائي فٽ برساتي ۽گٽرن جو پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري عوام سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳو، جنگشاھي لڳ ھاليچي ڍنڍ ڀرسان رھندڙ ملاح برادري جا ڪيترائي ڳوٺ اوچتو برساتي پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا، ڳوٺاڻن رڳو جانيون بچائي جابلو ٽڪرين تي پناھ وٺي ڇڏي، وٽن راشن بہ ختم ٿي ويو، ڪڪڙ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ تيز برسات ڪيترائي گھر ڊھي پٽ برساتي پاڻي نيڪال ن ٿي سگھيو ، خير محمد آريجا ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ جايون پناھ واريون ڀتيون ڊھي پيو گھر ڀاتي معجزاڻي طور بچي ويا گھرن ۾ پاڻي ڪاھي پيو وڌيڪ نقصان جو انديشو ، خيرپور ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان تيز برسات جو سلسلو جاري خيرپور جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهيان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ۽ ان جي آس پاس ۾ ڪيترن ئي علائقن جي مختلف ڳوٺن ۽ آبادين جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، کپرو ۽ آسپاس جي علائقن ڍليار , ڀٽ ڀائٽي , ھٿونگو , لوڻ کاڻ , کاهي ۽ ٻين ۾ مسلسل ٽن ڏينهن کان لڳاتار طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي برسات سبب شھر جي مک چورهن سميت مين روڊن تي برساتي پاڻي گوڏي جيڏو بيٺل آهي،  کهڙا ۾ ٽن ڏينهن کان مسلسل وقفي وقفي سان تيز ٻوڙان ٻوڙ برسات جاري رهي، لاڙڪاڻي ۾ گذريل رات دير تائين برسات مختلف وقتن تي هلڪي ۽ تيز وسندي رهي، جنهن ڪري شهر جي مخلتف هيٺين علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، منهڙو مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو ڪيترن ئي گهرن اندر پاڻي داخل ڪچا چاپرا ۽ ديوارون ڊهي پٽ پئجي ويون، مانجهند تعلقي ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي زميني رابطا ڪٽجي ويا، ميهڙ ويجهو ڳوٺ ميرپور چانڊيو کان هلندڙ برسات دوران سيد پور شاخ کي 20 فوٽ گهارو پئجي ويو ، ميرپور ساڪري ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ فصل تباه سم ناليون ابتو وھڻ سبب صورتحال وڌيڪ خراب شھر ۾ پڻ پاڻي بيھجي ويو . ميرپوربٺورو تعلقي ۾ مسلسل 24 ڪلاڪن کان پوندڙ برسات سبب ڪيترائي غريبن جا اجها ڪري پٽ پئجي ويا ٻھراڙين ۾ روڊ رستا پاڻي هيٺ اچڻ سبب ماڻھن جو شھرن ڏانهن اچ وڃ جا روڊ رستا بند ٿي ويا ، ميرپور ماٿيلو سميت پوري گھوٽڪي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات سبب ڪپھ توڙي ٻين فصلن ۾ پاڻي بيھجي وڃڻ ڪري ووئنڻن توڙي ٻيو فصل سڙڻ لڳو آهي، جنهن سبب آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، موهن جو دڙو ۾ ڪيترين علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو، ٽائون انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال نه ڪري سگهي. سڳيون پنجن ڏينهن کان ۾ مسلسل طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي ، سامارو لڳ ھيرل سم نالي کي لڳل گھارو بند نه ٿيو وڌيڪ ٻه گھارآ پئجي ويا ايريگيشن عملو نه پھتو ناهي ، صالح پٽ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات کان پوء پهاڙي واري علائقي ۾ ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان تعمير ٿيل لوٺي ڍيم مان پاڻي اوور ٿيڻ جي ڪري ديه ٽورين ۽ ديه جنوجي ديه دهلوارو جي سوين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ اچي ويا برسات جو پاڻي ڳوٺ محمد شهبان ڀنڀرو ۽ ڳوٺ غلام ڀنڀرو ڳوٺ نورمحمد شنباڻي ڳوٺ لاکو ڀنڀرو ڳوٺ محمد حيات شنباڻي۾ پاڻي ڪاهي پيو  ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو، تلھار ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري، ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪيترائي ڪچا ڪکاوان گھر ڊھڻ جا اطلاع مليا، ٽنڊو محمد خان شهر ۾ مسلسل 3 ڏينهن به برسات جا زوردار وسڪارا وقفي وقفي سان جاري رهيا جنهن سبب شهر جا روڊ رستا  بهراڻي پاڙو ، مير پاڙو ، پيپلز ڪالوني ، مشترڪه ڪالوني ، شوڪت ڪالوني ، ٽالپر ڪالوني ، ٽالپر ٽائون ، بٺورو روڊ ، سستي بستي ، ڪريم آباد ڪالوني ، سومرا محله ، گلشن فيض ڪالوني ، سي آئي اي سينٽر روڊ سميت شهر جا اڪثر علائقا روڊ رستا ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ هيلٿ جي ناقص ڪارڪردگي سبب مڪمل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، اوٻاوڙو تعلقو ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي سڃوشهر پاڻي جو ڏيک ڏيڻ لڳو نئون آيل ٽي ايم او شهر جي مسلن کان لاتعلق ٻهراڙي ۾ ڦٽين سارين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.