گهوٽڪي ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر) گهوٽڪي ڀرسان ڀيا برادري جي ٻن ڌين ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو قتل، ڪالهه عادلپور ٿاڻي جيحد ڳوٺ جمال الدين ڀيو ۾ ڀيا برادريءَ جي ٻن  ڌرين ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران لٺيون ۽ ٺونشا لڳڻ سبب هڪ ڄڻو آصف علي ڀيو قتل ٿي ويو. اطلاع تي عادلپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو. پوليس موجب ڀيا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالھه تان جهيڙو ٿيو آهي. معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڳوٺاڻو ڪيئن فوت ٿيو. فوتي جي وارثن موجب صدورو ڀيو، فريد ڀيو، ميرڻ ڀيو ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري آصف علي کي قتل ڪيو آهي. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.