حب ڊيم اٿلي پيو، ڀرپاسي جي رهواسين کي خطرو

حب (ن ع آ) ڪراچي ۽ بلوچستان جي علائقن کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ بلوچستان جو حب ڊيم مڪمل ڀرجي ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ڏينهنکان ان مان پاڻي وهي رهيو  آهي جڏهن ته تازو برساتن کانپوءِ صورتحال غيرمعمولي بڻجي وئي آهي، حب ڊيم جي اسپل ويز مان پاڻي جو غيرمعمولي وهڪرو جاري آهي جنهن سان ندي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ هنگامي صورتحال لاڳو  ڪئي وئي آهي، حب ندي جي ڀرپاسي وارين آبادين مان ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي. هڪ اندازي موجب حب ندي ۾ پاڻي جو وهڪرو ڪيترائي فٽ آهي، حب ڊيم کان اوور فلو پاڻي ڪراچي لاءِ بند مراد جيمقام تي ٺهيل نئين روڊ جي پل جي گنجائش کان وڌيڪ آهي، اهو وڌيڪ پاڻي پل کان مٿي ٿي روڊ تان گذرندي ندي ۾ وڃي رهيو آهي، علائقي واسين موجب هن پاڻي ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي  آهي ۽ هن وقت حب ندي ۾ اوچي درجي جي ٻوڏ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.