گورنر اسٽيٽ بئنڪ لاءِ ڊاڪٽر سعيد ۽ مرتضيٰ سيد سميت 6 ڄڻن تي غور

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي مقرري لاءِ 6 نالا وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي موڪليا ويا آهن. ذريعن موجب ناڻي واري وزارت اسٽيٽ بئنڪ گورنر جي مقرري لاءِ 6 نالا وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي موڪليا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سيڪريٽريٽ کي موڪليل نالن ۾ اڳوڻو نيشنل بئنڪ جو صدر ڊاڪٽر سعيد احمد، عاصم معراج حسين، اسٽيٽ بئنڪ جو نگران گورنر مرتضيٰ سيد، ايم ڊي پنجاب بئنڪ ظفر مسعود جا نالا شامل آهن.ان کانسواءِ ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ محمد جميل ۽ اڳوڻي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر محمد اشرف خان جو نالو به فهرست ۾ شامل آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا اڱاري تي ٿيندڙ اجلاس ۾ اسٽيٽ ب ئنڪ گورنر لاءِ هڪ نالي جي منظوري ڏيندي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.