سنڌ ۾ غير قانوني نمبر پليٽن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر) آءِ جي پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ صوبي جي سڀني ضلعن ۾ گاڏين جي غير قانوني نمبر پليٽن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ پوليس جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ گاڏين تي غير قانوني نيرين (بليو) سائي (گرين) رنگن يا ٻين جي نمبر پليٽن ۽ پوليس لائٽس خلاف صوبائي سطح تي مهم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. آءِ جي سنڌ چيو آهي ته صوبي جي شاهراهن ۽ هاءِ ويز تي هلندڙ نجي ملڪيت جي گاڏين تي لڳل بليو، گرين نمبر پليٽس ۽ پوليس لائٽس خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، اهو عمل قانون جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچي ٿو، پرائيويٽ گاڏين تي بليو/گرين نمبر پليٽس جو استعمال سراسر غير قانوني ۽ قانون کان مٿانهون آهي. آءِ جي سنڌ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ان قسم جي رجحان جي حوصلا شڪني لاءِ ايف آءِ آر  داخل ڪرڻ سميت سموري قانوني ڪارروائي سخت ضروري آهي.هن چيو ته غير قانوني عمل ۾ ملوث يا ذميوار پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪارروائي کي به يقيني بڻايو وڃي، ڄاڻايل مهم ايندڙ ٽن مهينن تائين جاري رهندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.