نيوٽرلز کي پيغام آهي هاڻ پاڪستان جو خيال ڪريو: شيرين مزاري

اسلام آباد( م ڊ) تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته نيوٽرلز کي خاص پيغام آهي ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، خدا جي واسطي پاڪستان جو خيال ڪريو ۽ چونڊون ڪرائي قوم کي فيصلو ڪرڻ ڏيو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نيوٽرلز ۽ هينڊلرز سزا يافتا ماڻهن کي حڪومت ڏئي ڇڏي، هنن ملڪ ۽ معيشت تباهه ڪري ڇڏيو، پوءِ ته اُنهن جي پويان بيٺا آهن. هن چيو ته  مولانا فضل الرحمان ته هاڻي ڌڪي ڌار ڪيل آهي، عوام ڪرپٽ حڪمران کي رد ڪيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عوام پنجاب ۾ پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنو، ق ليگ جا ووٽ رد ٿيڻ غير آئيني عمل آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.