ميان صاحب ڀرسان ڀائيٽن چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو، 2 گرفتار

ميان صاحب (رپورٽ: مظفر ملڪ) ميان صاحب ڀرسان ڪارنهن تهمت مڙهي ڀائيٽن چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو، لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، پوليس چڙهائي بعد 2 جوابدار سوگها، سرڪار طرفان ڪيس داخل ، تفصيل موجب ميان صاحب ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳوڌو شر ۾ جوابدار نثار شر ۽ شيرو شر پنهنجي 40 سالن جي چاچي زينب زال خدابخش شر کي ڪارنهن الزام مڙهي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي ميان صاحب پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ شڪارپور سول اسپتال منتقل ڪيو ميان صاحب پوليس ٻن جوابدارن نثار ۽ شيرو شر کي گرفتار ڪري ورتو، لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس وارث کڻائي ويا ٻئي طرف ميان صاحب ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس ايڇ او قربان ککراڻيء جي فرياد تي عورت جو قتل ڪيس گرفتار جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.