ايندڙ هفتن ۾ اگهن ۾ واڌ تي ڪنٽرول ڪيو ويندو: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته معيشت کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪيو ويندو ۽ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ قيمتن ۾ واڌ جي معاملي تي به ضابطو آندو ويندو. ايندڙ هفتي رپئي تي دٻاءُ گهٽجي ويندو. اهڙو اظهار هن ريڊيو پاڪستان سان خصوصي گفتگو دوران ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته بهتر فيصلي سازيءَ جي نتيجي ۾ هلندڙ مالي سال لاءِ مقرر ڪيل معاشي هدف حاصل ڪيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته اولهه ۾ وڌندڙ ٻاڙائيءَ کي نظر ۾ رکندي ايڪسپورٽ ۾ واڌ هڪ وڏو چئلينج ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ ئي تناظر ۾ اسان کي پنهنجي ايڪسپورٽ کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. معيشت جي اهم ايڪسپورٽ جي شعبي کي سهارو ڏيڻ لاءِ صنعتي فيڊرز تي ڪا لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي. ناڻي واري وزير ڪجهه حلقن طرفان پيل ڪيل ان تاثر کي رد ڪيو ته هاڻوڪن مهينن ۾ ملڪ ڏانهن آيل پرڏيهي ناڻي، ايڪسپورٽ ۽ ٽيڪس وصوليءَ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن نشاندهي ڪئي ته مئي ۽ جون ۾ رڪارڊ سطح تي پرڏيهه مان ناڻو آيو جڏهن ته ايف بي آر به پنهنجو هدف حاصل ڪيو. حڪومت هلندڙ مالي سال دوران محصول ۾ 35 سيڪڙو اضافي جو هدف رکيو آهي. ايف بي آر 7500 ارب رپيا گڏ ڪندو، جڏهن ته 800 ارب رپيا ليوي طور گڏ ٿيندا. هن چيو ته معيشت جي پيداواري شعبن بشمول زراعت، صنعت ۽ آءِ ٽي کي معاونت فراهم ڪئي پئي وڃي، ٻجن تي ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ تي ٽيڪس هڪ سيڪڙو گهٽائي 0.25 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي. رپئي جي قدر ۾ گهٽتائيءَ بابت سوال تي ناڻي واري وزير ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ هفتي رپئي جي قدر ۾ دٻاءُ گهٽجي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته 24 آگسٽ تي آءِ ايم ايف جي بورڊ اجلاس بعد پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ايندڙ قسط مهيني جي پڄاڻيءَ تائين ملڻ جي اُميد آهي. دوست ملڪن کان 4 کان 5 ارب رپين جي امداد به متوقع آهي. هڪ دوست ملڪ فوري سيڙپڪاريءَ لاءِ تيار آهي. وفاقي ڪابينه سيڙپڪاريءَ جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. تيل ۽ گيس جي ملتوي ٿيل ادائگيءَ بابت معاملو به دوست ملڪن سان هڪ هفتي ۾ طئي ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزير چيو ته بجلي جي شعبي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ جامع قدم کنيا ويا آهن. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته گذريل حڪومت نه بجلي جي نظام کي بهتر ڪيو ۽ نه سيڙپڪاري جي معاملي کي ۽ نه ئي بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽس کي وقت سر مڪمل ڪيو. پي ٽي آءِ جي حڪومت سستي ٻارڻ جو ڊگهي مُدي جو معاهدو ناهي ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي انهن پاور پلانٽس کي آپريشن ڪرڻو پيو، جيڪي مهانگائي فرنس آئل تي هلندا آهن. مهانگائيءَ بابت هڪ سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته سستو پيٽرول ۽ سستي ڊيزل اسڪيم تحت مستحق ڪٽنبن کي 2 هزار رپين جي امداد جاري آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مسحق ڪٽنبن کي روڪ امداد ڏني پئي وڃي. هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورن ذريعي صارفين کي عام واهپي جون شيون رعايتي اگهن تي ڏنيون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.