مداخلت سافٽ هجي يا هارڊ، آڪٽوبر نومبر ۾ اليڪشن ٿي ويندي: شيخ رشيد

اسلام آباد(م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مداخلت سافٽ هجي يا هارڊ، آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ اليڪشن ٿي ويندي، ٻي صورت ۾ سڀ گهر ويندا. پنهنجي بيان ۾ شيخ رشيد چيو آهي ته غير لاڳاپيل ماڻهو فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، معاملو ڊپٽي اسپيڪر ۽ سپريم ڪورٽ جو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي آخري اميد سپريم ڪورٽ دٻا ۾ آهي، 5 ڊزن کان وڌيڪ وزيرن جو حلف انصاف ۽ جمهوريت جي منهن تي چماٽ آهي، هن چيو ته جيڪڏهن 30 آگسٽ تائين فيصلا نه ڪيا ويا ته ٻهارو ڦري ويندو.شيخ رشيد چيو ته 10 ڪروڙ ماڻهو بک ۽ مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهن، جڏهن ته آصف علي زرداري دبئي ۾ سالگرهه پيو ملهائي، هن وقت سياست نه پر رياست کي بچائڻو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.