غيرمعمولي برساتن سبب ريليف جي ڪم ۾ وقت لڳي پيو: سراج دراني

ڪراچي(رپورٽر ) وقتي مقرر گورنر سنڌ آغا سراج دراني  برساتن دوران قيمتي انساني جانين جي ٿيل نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته موسميات کاتي جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي عوام گهرن ۾ رهي. آغا سراج دراني وڌيڪ چيو ته جيئن ته خصوصا ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنون  شديد برساتن سبب وڌيڪ متاثر ٿيون آهن تنهنڪري اتي وڌيڪ احتياط جي ضرورت آهي. غيرمعمولي برساتن سبب ريليف جي ڪم ۾ ڪجهه وقت لڳي رهيو آهي. هن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي جنهن لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته عوام سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪري ۽ ڪنهن به ناخوشگوار واقعي جي صورت ۾ هيلپ لائين نمبر 1736 ۽ 919 تي فوري رابطو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.