ڪوئيٽا ۾ جبري گمشدگين ۽ زيارت آپريشن خلاف پنجين ڏينهن به ڌرڻو، حڪومت جي روايتي بي حسي

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچ لاپتا ماڻهن جي وارثن جو ڪوئيٽا ۾ پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو، جنهن ۾ شاگرد تنظيمن، سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي، اڃا تائين بلوچستان سرڪار ۽ اعليٰ اختيارين پاران خاطر خواهه ۽ سنجيده ڳالهيون نه ٿي سگهيون آهن، اي اين پي جو صوبائي صدر ۽ ايم پي اي اصغر خان اچڪزئي پارٽي اڳواڻن سان گڏ ڪئمپ پهتو ۽ زيارت واقعي خلاف ۽ لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڌرڻي ۾ ويٺل وارثن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سمورن حڪومتي نمائندن ۽ سياسي پارٽين کي درخواست ڪريون ٿا ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري وارثن جي آواز بڻجو ۽ مظاهرين جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن، وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سمي دين بلوچ ٽوئيٽ ڪيو ته هڪ طرف جعلي مقابلي جي نالي سان اسان جي معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي مارين ٿا ۽ ٻئي پاسي جڏهن اسان پرامن طريقي سان آئين مطابق انهن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪريون ٿا ته اسان کي ڪوڙيون تسليون ڏئي بازياب ڪرڻ جو واعدو ڪن ٿا، پنهنجي ڪيل واعدن کي به پٺي ڏئي ڇڏين ٿا،هن چيو ته هن ڀيري اسان ارادو ڪري چڪا آهيون ته انهن جي ڪوڙين خاطرين ۾ نٿا اچون، پنهنجي احتجاج کي نتيجا خيز بڻائڻ لاءِ ڌرڻي کي آخري نتيجي تائين جاري رکنداسين، ڌرڻي ۾ شريڪ لاپتا شبير بلوچ جي ڀيڻ سيمه بلوچ چيو ته ڌرڻي جو پنجون ڏينهن، حڪومت پاران شيلنگ ۽ قدرت پاران لڳاتار برسات کي منهن ڏيڻ کانپوءِ به اسان پنهنجي جاءِ تان نه اٿياسين نه اٿنداسين، لاپتا ماڻهن جي بازيابي يقيني بڻائڻ اسان جو حق آهي، جڏهن ته نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي چيئرمين ۽ ايم اين اي محسن داوڙ به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ لاپتا ماڻهن ۽ زيارت مقابلي ۾ قتل ڪيل نوجوانن جي خاندانن سان ايڪتا جو اظهار ڪندي چيو ته استعماري رياست جي استعماري ادارن بلوچستان، پشتونخوا وطن ۽ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حقن ۽ اختيارين جي حصول جي جدوجهد جو رستو روڪڻ ۽ خوف ۽ دهشت پکيڙڻ لاءِ سياسي ڪارڪنن ۽ ٻين ماڻهن کي لاپتا ڪري جعلي مقابلن ۾ انهن جو ناحق خون وهائڻ جو سفاڪ عمل شروع ڪيو آهي، ملڪ ۾ ڪٿي به تخريبڪاري جو ڪو واقعو ٿئي ته ان جي بدلي ۾ جعلي مقابلي ذريعي لاپتا ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، اهڙي طرح وزيرستان ۽ ٻين علائقن ۾ به ايئن ڪيو وڃي ٿو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.