ملير ندي، سکڻ ندي، ٿڌو ڊيم اٿلي پيا، شيرازي چيڪ ڊيم ٽٽي پيو

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو)  برسات سبب ملير ندي، سکڻ ندي، ٿڌو ڊيم اٿلي پيا، گڏاپ جي ڪنڊ جهنگ واري علائقي ۾ ٺهيل سلطان شاهه شيرازي چيڪ ڊيم ٽٽي پيو، ملير ۾ برسات سبب ڪيترائي هيٺاهين وارا علائقا جن ۾ پپري، شاهه ٽائون، ايزي سٽي، ريڙهي ڳوٺ، ابراهيم حيدري، گهگهر، لٽ بستي سميت مختلف علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ سبب رهواسي پنهنجي مدد پاڻ پاڻي ڪڍڻ ۾ مصروف رهيا، جڏهن ته روڊن ۽ گهٽين ۾ گوڏي جيترو پاڻي بيهڻ سبب رهواسي گهرن تائين محدود رهيا، برسات سبب ملير ندي، سکڻ ندي، گهگهر ندي، ٿڌو ڊيم ڀرجي ويا جنهن سبب ٿڌو ڊيم، مول ڊيم اٿلي پيا، جڏهن ته گڏاپ جي ڪنڊ جهنگ واري علائقي ۾ ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان تعمير ٿيندڙ سلطان شاهه شيرازي چيڪ ڊيم ٽٽي پيو، جنهن سبب ڀرپاسي جا ڳوٺ لڏپلاڻ ڪري محفوظ هنڌن تي پناهه ورتي، ان حوالي سان ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ڊيم تعمير ڪيو ويو جيڪو ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب ٽٽي پيو آهي، جنهن سبب ڳوٺ سليمان احمداڻي، ڳوٺ جان محمد احمداڻي، محمد نوتاڻي ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سبب پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺاڻا محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيا آهن، سنڌ حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا ڪابه مدد نه ڪئي آهي اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي آهي، ٻئي طرف درساڻو ڇنو ويجهو سکڻ ندي پار ڪندي موٽر سائيڪل سوار نوجوان پاڻي جي تيز وهڪري ۾ ٻڏي ويو، جنهن جي ڳولا لاءِ صوبائي وزير ساجد جوکيو پهچي انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون، آخري اطلاع تائين نوجوان جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي، رين ايمرجنسي بابت وڏي وزير جي فوڪل پرسن صوبائي وزير ساجد جوکيو، ڊي سي ملير عرفان سلام ميرواڻي، ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر، ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو، اسسٽنٽ ڪمشنر بن قاسم منشاد شاهاڻي، مختيارڪار بن قاسم موسيٰ مورائي سان گڏ ملير ندي، سکڻ ندي، گڏاپ، قائدآباد، اسٽيل ٽائون چورنگي، ايئرپورٽ سميت مختلف علائقن جا دورا ڪري هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ۽ پاڻي جي نيڪال جو جائزو ورتو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ساجد جوکيو چيو ته برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جي ازالي لاءِ سنڌ حڪومت کي لکيو ويو آهي، جن جي مالي سهائتا پڻ ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.