ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ تباهي ڳوٺن جا زميني رابطو ڪاٽا

ڪراچي(نمائندا) ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي جابلو پٽي تي گجگوڙ سان برسات توڙي نئين جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي، سوين ڳوٺڻ جو شهري علائقن سان زميني رابطو ڪاٽا آهي، کيرٿر جابلو پٽي تي برسات بعد نئن گاج سوڌو 8 کان وڌيڪ نئيون تار وهي آيون،  نئين گاج ۾ پاڻي وهڪرو 20 فُٽ ٿي ويو، پاڻي حاجي خان موري وٽ ايف پي بند سان ٽڪرائجي ويو، ڪاڇي جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جو دادو، جوهي ۽ سيوهڻ شهر سان زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو، ماڻهو برساتي پاڻي اُڪاري روڊ پار ۽ ٻيڙين ذريعي سفر ڪرڻ تي مجبور، برسات ۽ نئين جي پاڻي ۾ ڦاٿل ڳوٺن اندر خوراڪ توڙي طبي شين جي کوٽ آهي، رهواسين انتظاميا کي ترت ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جي اپيل پڻ ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.