عدالت سياسي آکاڙو بڻجي وئي

اسلام آباد (عوامي آُواز نيوز) عدالت سياسي آکاڙو بڻجي وئي ۽ انصاف جو ڪبوتر اڏامي ويو، نامياري صحافي عمران شفقت سپريم ڪورٽ ٻاهران تبصرو ڪندي چيو ته انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺل جڏهن سياسي وفاداري ۽ ذاتي مفادن جو تحفظ ڪرڻ شروع ڪندا آهن تڏهن سندن فيصلا تڪراري بڻجي ويندا آهن، جڏهن ته اڳ هڪ سياسي  پارٽيءَ کي فائدو پهچائڻ لاءِ آئين جي شق 63 اي جي تشريح ڪئي وئي هئي ان وقت ئي سينيئر  قانوني ماهرن چيو هو ته عدالت کي سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي،ان فيصلي کي نئين سر آئين لکڻ سان به تعبير ڪيو ويو هو، هاڻ به عدالت جي روئي مان لڳي ٿو ته ڪنهن هڪ سياسي پارٽيءَ کي  فائدو پهچائڻ جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نتيجي طور عدالت  سياسي آکاڙي جو ڏيک ڏئي رهي  آهي ۽ محسوس ٿي رهيو  آهي ته مستقبل ۾ عدالت ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون هونديون ڇو ته هاڻي باقي سپريم ادارو پارليامينٽ ئي بچيو آهي.

اتحادين خاص طور تي ن ليگ سان دوکو ٿي ويو

لاهور  (عوامي آواز  نيوز ) پاڪستان جي موجوده سياسي حالتن مان محسوس ٿي رهيو ته اتحادين خاص طور (ن)  ليگ سان دوکو ٿي ويو آهي، ڇو ته کين اسيمبلين جو مدو پورو  ڪرڻ جو يقين ڏياري اقتدار ۾ آندو ويو هو. نامياري صحافي انيق ناجي جو چوڻ آهي ته ذريعا ٻڌائن ٿا ته آگسٽ ۾ نگران حڪومت ايندي ۽ چونڊن جو اعلان ٿي ويندو. ذريعن  جي دعويٰ  آهي ته نگران حڪومت جي جوڙجڪ به ٿي چڪي آهي ۽ وزيرن جي قلمدانن جو فيصلو به ٿي چڪو آهي. چيو وڃي ٿو ته عمران خان جنهن طرح اسٽيبلشمينٽ  سربراهه کي تڪراري بڻايو آهي ان جي موٽ ۾ اسٽيبلشمينٽ سربراهه صاف شفاف چونڊون ڪرائي رٽائر فوجي آفيسرن سان واعدو  پورو ڪرڻ چاهي  ٿو. نومبر  واري  مقرري يا مدي ۾ واڌ جو فيصلو به نگران  حڪومت ڪندي،جڏهن ته اهو به چيو وڃي ٿو چونڊن کانپوءِ هو به  عمران خان حڪومت جو حصو نه هوندو ان تي  اڃان تائين منڌيئڙو لڳل آهي.

ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ انتظامي بحران

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز ) ملڪ سياسي، معاشي، انتظامي ۽ شديد آئين بحران جي ور چڙهيل آهي، نامياري صحافي سيد طلعت حسين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم  شهباز شريف 8 ڏينهن کانپوءِ لاهور کان اسلام آباد پهتو آهي، چوڻ مقصد ته  شهباز شريف  ڪاٿي به هجي آهي ته وزيراعظم پر موجوده سنگين معاشي بحران دوران وزيراعظم کي هر حال ۾ اسلام آباد  ۾ هجڻ گهرجي ان چوڻ جو  مقصد ته  انتظامي طور ملڪ بحران جو شڪار آهي بظاهر انهن سمورن بحرانن جو حل هن وقت عدالت وٽ آهي ڇو ته حڪومت اتحادي پارٽين، قانوندانن، بار ايسوسئيشن  جي گهر آهي ته فل  ڪورٽ  جوڙي وڃي ته فل ڪورٽ جوڙڻ ۾  قيامت ڪهڙي آهي ڇو ته جهيڙو عمارتن مان نڪري روڊن تي آيو ته ان جا موجودگه سنگين معاشي حالتن ۾ نتيجا انتهائي اگرا هوندا.

ڪير اتحادين جو آواز بند ڪرڻ چاهي ٿو؟

لاهور ( عوامي آواز نيوز ) آخرڪار اهي ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي مريم نواز، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري جو آواز  بند ڪرڻ چاهين ٿا، نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته جڏهن اتحادي پارٽين جا سربراهه پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا ان وقت سمورا چئنل سڌي نشريات ذريعي نشر ڪري رهيا هئا پر حيران ڪندڙ  ڳالهه آهي ته جڏهن مريم نواز، مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو ڳالهائي رهيا هئا ته ان وقت انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو، سڀني چينلن کي مانيٽر ڪيو پر ڪنهن به چئنل تان انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو،جيئن ئي انهن ڳالهائڻ بند ڪيو ۽ اسلم ڀوتاڻي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته هڪدم ان جو آواز صاف صاف ٻڌڻ ۾ آيو. ان ڪري سمجهه ۾ اهو ٿو اچي ته ضرور ڪي عناصر آهن جيڪي مٿين اڳواڻن جي موقف کان عوام کي محروم رکڻ چاهين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.