تلهار ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

تلهار ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ الهڏنو ڪورائي جي رهواسين حاجي ڪورائي، پرويز، مسمات روزينا ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته پوليس اهلڪار غازي ڪورائي وردي جي زوري تي هنن جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو.

هنن چيو ته اهلڪار زمين تي پنهنجا هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، جن حاجي ڪورائي تي حملو پڻ ڪيو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪندي چيو ته اهلڪار غازي ۽ سندس ساٿين خلاف پوليس وٽ دانهيو آهي پر ايڪشن نٿو کينو وڃي، پوليس جو اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.