ڪراچي: ڪورنگي ۾ وسڪاري بعد ڪراسنگ ندي ڀرجي وئي، ڪاز وي روڊ پاڻ هيٺ

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ڪراسنگ ندي ڀرجي وڃڻ ڪري ڪاز وي روڊ کي بند ڪيو ويو.

وسڪاري بعد ڪرانسنگ ندي ڀرجي وڃڻ سبب ڪاز وي روڊ مڪمل طور ٻڏي ويو آهي، جنهن لاءِ روڊ کي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪري پوليس مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ريسڪيو عملو پڻ موجود آهي.

ڊي سي ڪورنگي محمد علي زيدي ۽ ايس ايس پي فيصل بشير ميمڻ پڻ ڪراسنگ ندي جو دورو ڪري انتظامن جا جائز ورتو.

ان موقعي تي ڊي سي ۽ ايس ايس پي ڪورنگي  علائقي واسين کي گذارش ڪئي ته تيز برسات دوران غير ضروري طور گھرن کان نڪرڻ ۽ ندين توڙي حساس هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.