بدين ۾ شهرين جا برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا

بدين ۾ شهرين پاران برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

چوڏهين واري، سيراڻي روڊ، غريب آباد، انصاري پاڙي ۽ ٻين پاڙن جي رهواسين ٽي ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ضلعي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي شهرين جو چوڻ هو ته ٻن ڏينهن کان لڳاتار مينهن پوڻ سبب پاڻي گھرن ۾ ڪاهي پيو آهي، جنهن ڪري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهيون.

سندن چوڻ هو ته شهر ۾ رين ايمرجنسي هجڻ باوجود نالين جي صفائي سٿرائي توڙي مينهن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، بنا دير پاڻي نيڪال ڪرائي ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.