اوٻاوڙي ۾ ڳوٺاڻن جو مبينا طور زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙن خلاف احتجاج

اوٻاوڙي ۾ ڳوٺاڻن پاران مبينا طور زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ حيات ميراڻي جي رهواسي ميراڻي برادري جي ماڻهن سلطان احمد، يار محمد، محمد مراد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا کي ٻڌايو ته هنن ڪجهه عرصو پهرين پنهنجي برادري جي بدل ۽ حيات ميراڻي سان گڏجي ڀائيواري ۾ 70 ايڪڙو زرعي زمين خريد ڪئي هئي.

هنن الزام هڻندي چيو ته بدل ۽ حيات ميراڻي پنهنجي حصي جي زمين به وٺي ڇڏي، جڏهن ته هاڻ اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن لاءِ ڌمڪيون ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي هراسان ڪيو پيو وڃي.

ڳوٺاڻن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪندي چيو ته زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ بدل ۽ حياتي ميراڻي شر پسند آهن، جيڪي خون ريزي چاهين ٿا، نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.