ڌاٻيجي: وسڪاري بعد برساتي نالا اٿلي پيا، ،مختلف ڳوٺڻ ڏانهن ويندڙ رستا بند

ڌاٻيجي ۾ وسڪاري بعد برساتي نالا وهڻ ڪري مختلف ڳوٺڻ ڏانهن ويندڙ رستا بند ٿي ويا آهن، جڏهن ته رهواسين اعليٰ اختيارين رستا بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

مسلسل وسڪاري ۽ برساتي نالا وهڻ ڪري ڌاٻيجي مين نيشنل هاءِ وي ڀرسان واقع ڳوٺ آچار، سالار، مامون، رمضان ۽ ڪرم خان جوکيو سوڌو ٻين ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊ رستا بند ويا آهن.

روڊ رستا بند هجڻ ڪري ڳوٺن جو شهري علائقن سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، جنهن ڪري رهواسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ مجبور آهن.

رهواسين سنڌ حڪومت ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته رستا بحال ڪرائي ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.