جيڪڏهن توهان جا وار اڇا ٿي رهيا آهن ته وارن ۾ هيڊ سان گڏ هڪ شئي ملائي لڳايو، اهو مسئلو حل ٿي ويندو.
وارن ۾ هيڊ سان گڏ ڏهي لڳائي وارن جي ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪري سگھجي ٿو، مثال طور خشڪي جو مسئلو، وارن جو ڪِرڻ ۽ وارن جو ڪمزور ٿيڻ وغيرا.
هيڊ ۾ اينٽي انفليمنٽري خاصيت هوندي آهي، جيڪا وارن جي وارن جي رت جي رواني وڌائيندي آهي.
ان سان گڏوگڏ ڏهي به غذائيت سان ڀرپور آهي، جيڪا وارن کي پروٽين، ڪيلشئيم، ميگنيشئيم ۽ مختلف وٽامن پهچائيندي آهي.
هيڊ ۽ ڏهي جو مڪسچر پنهنجي وارن ۾ لڳائڻ لاءِ وارن جي ڊيگھه يا انهن جي گھاٽي هجڻ جي حساب سان ڏهي کڻو نه ته اڌ ڪوپ گھڻو آهي، ان ۾ هيڊ چوٿون حصو هڪ چانهن وارو چمچو ملايو.
هاڻ ٻنهي شين کي گڏايو.
هي توهان جو زبردست هيئر ماسڪ تيار آهي، ان کي وارن جي پاڙن کان چوٽي تائين لڳايو ۽ سٺي نموني مالش ڪريو ۽ گھٽ ۾ گھٽ اڌ ڪلاڪ تائين لڳل هجي.
پوءِ سادي پاڻي سان وار ڌوئي ڇڏيو، ڌوئڻ وقت ڪو هربل شيمپو استعمال ڪريو ته بهتر آهي، ان سان وارن کي نقصان نه پهچندو.