عدالتي فيصلي تي مريم نواز جو رد عمل اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز سپريم ڪورٽ جي حڪومتي اتحاد جي فل ڪورٽ ٺاهڻ واري درخواست رد ڪرڻ جي فيصلي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.

ٽوئٽر تي تبصرو ڪندي هن چيو آهي ته ”مون کي گهٽ ۾ گهٽ يقين هو فل ڪورٽ نه ٺهندي ۽ انصاف نه ملندو ۽ اهو ئي مان قوم کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي.

هن لکيو ته جڏهن فيصلا آئين، قانون ۽ انصاف موجب نه ٿين ته فل ڪورٽ مان خطرو رهندو آهي ڇوته ايماندار ججز جي شامل ٿيڻ سان فيصلي جون خاميون منظرعام تي اچي وينديون آهن ۽ ماڻهو ڄاڻي وٺندا آهن ته فيصلو آئين ۽ قانون نه ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ڪيو ويو پر هاڻي ڪجهه به ڪريو، ماڻهن ته ڄاڻي ورتو !.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.