طوفاني برساتون: فائبر ڪيبل کي وڏو نقصان، موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز متاثر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ تازو طوفاني ٻوڏ سبب ڪيترين ئي جاين تي آپٽڪ فائبر ڪيبل کي نقصان پهتو آهي جنهن سبب لسبيلا، ڪيچ، پنجگور، گوادر، آواران، زيارت، مستونگ ۽ ٻين علائقن  ۾ وائس ۽ ڊيٽا سروسز متاثر ٿيون آهن.

ٻوڏ سبب ٽن موبائل آپريٽرز، ٽيلي نار، زونگ، يوفون ۽ پي ٽي سي ايل جون ڪل 343 سائٽس متاثر ٿيون آهن.

پي ٽي اي موجب صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان اپاءَ ورتا پيا وڃن.

پي ٽي اي لاڳاپيل آپريٽرز سان گڏجي ٽيلي ڪميونيڪيشن ذريعن جي جلد بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.