حرا ماني دعا زهرا بابت بيان ڏيڻ تي ”واحيات“ قرار !

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا حرا ماني دعا ڪئي آهي ته دعا زهرا ۽ ظهير احمد ڪڏهن به جدا نه ٿين.

حرا سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو ته مان چاهيان ٿي ته دعا زهرا ۽ ظهير ڪڏهن به جدا نه ٿين.

اداڪارا اميد ظاهر ڪئي ته الله تعاليٰ منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.

ٻئي پاسي سوشل ميڊيا واهپيدارن کي حرا ماني جي اهڙي پوسٽ بلڪل به پسند نه آئي آهي ۽ واهپيدارن سندس ڳالهين کي واحيات قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ هو ته ظهير احمد هيومن ٽريفڪنگ گينگ جو ميمبر آهي، فرح بٽ نالي واهپيدار لکيو ته وڏي واهيات ڳالهه چئي اٿئي، تون ته اڳ ئي نه وڻندي هئين هاڻي ته صفا زهر لڳين ٿي.

واهپيدارن دعا ڪئي ته حرا ماني جي خواهش ڪڏهن پوري نه ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.