ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن شهري علائقن ۾ شهري ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وچ ۽ اولهه ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ برقرار آهي، سڀاڻي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات پئجي سگهي ٿي، پرڏيهه ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ بلوچستان جي ساحلي علائقن ڏانهن وڌي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ جو خطرو آهي، مسلسل ۽ تيز برسات حب ڊيم تي دٻاءُ به پيدا ڪري سگهي ٿي.