ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرميلا فاروقي اڄڪلهه پنهنجي مڙس ۽ پٽ سان گڏ مالديپ ۾ موڪلون ملهائي رهي آهي.
هن تازو مالديپ جي هڪ خوبصورت ٻيٽ تي لگزري هوٽل ۾ کاڌي ۽ سوئنگ پول ۾ پنهنجون تصويرون انسٽاگرام اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيون آهن، جيڪي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيون آهن.
هڪ تصوير ۾ شرميلا فاروقي سوئنگ پول ۾ نظر اچي رهي آهي ۽ سندس هٿ ۾ جوس جو گلاس آهي.
View this post on Instagram
ان تصوير جي ڪيپشن ۾ پ پ اڳواڻ لکيو آهي ته ”سالگرهه جا صبح ائين هوندا آهن، الحمدالله.
شرميلا فاروقي جي ان تصوير تي ڪمينٽس ۾ هزارن جي انگ ۾ ماڻهن کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون آهن.