ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تجزيي ڪار جواد ميمڻ چيو آهي ته برسات وسائيندڙ نظام ڪراچي جي مٿان گذري رهيو آهي.
هڪ بيان ۾ جواد ميمڻ چيو ته سسٽم جي پکيڙ وڌيڪ آهي جيڪا بلوچستان جي ساحلي پٽي کي متاثر ڪندي.
هن چيو ته بلوچستان ۾ برساتون شروع ٿي چڪيون آهن، هي سسٽم ايران ۽ عمان ڏانهن وڌي ويندو.
هن چيو ته برساتي نظام جا اثر 27 جولاءِ تائين پوندا ۽ برساتن جو امڪان آهي.