ٻي ٽيسٽ: سريلنڪا 378 رنسن تي آئوٽ، پاڪستان جون 7 وڪيٽن تي 191 رنسون

 

گال (ويب ڊيسڪ) گال ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن سريلنڪا طرفان 378 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني بيٽنگ لائن ناڪام ٿي وئي ۽ قومي ٽيم راند جي پڄاڻي تائين 7 وڪيٽن جي نقصان تي 191 رنسون ٺاهي ورتيون.

گال ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ميزبان ٽيم پنهنجي اڻ پوري اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 315 رنسن کان شروع ڪئي ته نروشان ڊڪويلا 42 ۽ دونٿ ويلالگي 6 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هئا.

نسيم شاهه اڳ ۾ ڊڪويلا کي 51 ۽ پوءِ ويلالگي کي 11 رنسن تي پويلين موٽائي ڇڏيو.

رميش مينڊس 35 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته پراباٿ جئي سوريا 8 رنسون ٺاهي سگهيو.

سريلنڪن ٽيم 378 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، پاڪستان طرفان نسيم شاهه ۽ ياسر شاهه 3-3، جڏهن ته محمد نواز 2 ۽ نعمان علي هڪ وڪيٽ ورتي.

پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات امام الحق ۽ عبدالله شفيق ڪئي پر عبدالله شفيق کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو، جڏهن ته بابر اعظم به 16 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو.

امام الحق 32، محمد رضوان، فواد عالم 24-24، جڏهن ته محمد نواز 12 رنسون ٺاهيون.

ان موقعي تي سلمان علي آغا سريلنڪن بالرن سان مزاحمت ڪئي ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي پهرين ففٽي مڪمل ڪئي پر 62 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ آئوٽ ٿي ويو.

ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تي پاڪستان 7 وڪيٽن جي نقصان تي 191 رنسون ٺاهي ورتيون، مهمان ٽيم کي سريلنڪا جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 187 رنسن جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.