ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ سول انتظاميا جي مڪمل مدد ڪئي وڃي: آرمي چيف

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ساراهيندي چيو آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ سول انتظاميا جي مڪمل مدد ڪئي وڃي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 249هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ ٿي، جنهن ۾ سرحدي ۽ داخلي سلامتي معاملن کي ڏسندي سيڪيورٽي صورتحال جو گڏيل جائزو ورتو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جاري آپريشن کي ساراهيو ۽ سرحدن ۽ عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن جي عظيم قربانين کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.

هن تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ پاڪ فوج جي رليف آپريشنز کي به ساراهيو ۽ سول انتظاميا سان گڏجي ريسڪيو ۽ بحالي آپريشنز جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.