اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن ملڪ جي جمهوري جماعتن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته اسان کي فل ڪورٽ گهرجي، 3 شخص هن ملڪ جي قسمت جو فيصلو نٿا ڪري سگهن.
اسلام آباد ۾ حڪمران اتحاد جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو اهو نٿو ٿي سگهي ته 3 ڄڻا فيصلو ڪن ته ملڪ جمهوريت موجب هلندو يا سليڪٽڊ جي تحت.
هن چيو ته اسان چاهيون ٿا هن ملڪ ۾ جمهوري نظام هلي، اسان کي نظر اچي رهيو آهي ته ڪجهه ماڻهن کان اهو هضم نه پيو ٿئي، توهان کان برداشت نه پيو ٿئي ته عوام پنهنجو فيصلو پاڻ ڪري.