گهڻو ٿي ويو: شيرين مزاري جو ”نيوٽرلز“ کي خاص پيغام

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته نيوٽرلز کي پيغام آهي ته گھڻو ٿي ويو، خدا جي واسطي پاڪستان جو خيال ڪريو ۽ قوم کي اليڪشن ڪرائي فيصلو ڪرڻ ڏيو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته نيوٽرلز ۽ هينڊلرز سزا مليل کي حڪومت ڏئي ڇڏي آهي، هڪ سزا مليل پي ڊي ايم جو ليڊر آهي، مولانا ته ويو.

هن چيو ته مريم نواز ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نٿي ڳالهائي سگھي، ڊي فيڪٽو امپورٽڊ حڪومت مريم جي هٿ هلي وئي آهي، مريم جي پريس ڪانفرنس رولز آف بزنس خلاف آهي، ان تي جاچ ٿيڻ گھرجي، ڪو پرائيوٽ شهري منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس نٿو ڪري سگھي، پرائيوٽ شهري کي اسٽيٽ سيڪيورٽي ڏني وئي، هن کي وزيراعظم سيڪريٽريٽ تائين پهچ ڏني وئي آهي، اتي ڳجها فائل هوندا آهن، مريم نواز بيل تي آهي، هوءَ ڪورٽ ۽ ججز تي حملو ڪري رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته هينڊلرز! خدا جي واسطي پاڪستان کي ڪيتري تباهي جي رستي تي وٺي ويندئو، رڳو ان ڳالهه تي ته عمران خان آزاد پاليسي جوڙي، هنن ماڻهن پاڪستان ۽ معيشت کي ٻوڙي ڇڏيو آهي پوءِ به هنن جي پٺيان آهيو، هنن ۾ ڪهڙي خاصيت آهي؟ هنن کي اين آر او ٽو به ملي ويو آهي، هنن پنهنجي ڪرپشن معاف ڪرائي ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته هينڊلرز هن ملڪ سان ٻيو ڇا چاهين ٿا، خدا جي واسطي پاڪستان جو خيال ڪريو، ذاتي پسند ۽ ناپسند کي ڇڏيو، قوم کي اليڪشن ڪرائي فيصلو ڪرڻ ڏيو ته هو عمران خان جي بيانيي کي سپورٽ ڪندي يا چورن کي.

هن چيو نيوٽرلز کي خاص پيغام آهي ته گھڻو ٿي ويو، ٽن مهينن ۾ پاڪستان جو جيڪو حشر ڪيو ويو اهو ڪڏهن ناهي ٿيو، اڃا به هوش نه آيو ته ڪڏهن ايندو؟ جڏهن آمريڪا جون فورسز اچي وينديون، هي منهنجو انهن کان سوال آهي، جهڙي ريت پي ڊي ايم وارا پاڪستان جو حشر ڪري رهيا آهن توهان کي نظر نه پيو اچي، سموري قوم کي نظر اچي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.