ڪراچي برسات: سارا خان جي ونهنجڻ واري پوسٽ وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سارا خان سوشل ميڊيا تي سرگرم رهندي آهي ۽ مداحن کي پنهنجي سرگرمين کان آگاهه ڪندي رهندي آهي.

اداڪارا ڪراچي ۾ برسات جي پسمنظر ۾ پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي.

پاڪستان ڊرامي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا سارا خان پنهنجي شادي شده زندگي خوشيءَ سان گذاري رهي آهي.

ساره خان اڪثر سوشل ميڊيا تي سرگرم نظر ايندي آهي، سارا خان پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي انهن اداڪارائن مان هڪ آهي جنهن اداڪاري ۾ به پنهنجي صلاحيتن جو ثبوت ڏنو ۽ ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا.

اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ نئين تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ سوئمنگ ڪري رهي آهي.

تصوير جي ڪيپشن ۾ سارا خان ڪراچي ۾ تازين برساتن جو ذڪر ڪندي لکيو ته هن وقت ڪراچي جي صورتحال ههڙي آهي.

شيئر ڪيل سندس تصوير کي 1 لک 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن، جڏهن ته هو ڪمنٽ سيڪشن ۾ مختصر تبصرا پڻ ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.