فلم ”راولپنڊي ايڪسپريس“ ۾ اهي ڳجهيون حقيقتون به ڏيکاريون وينديون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سندس زندگي تي فلم ”راولپنڊي ايڪسپريس“ ٺهي رهي آهي.

 شعيب اختر انسٽاگرام تي فلم جي جھلڪ شيئر ڪندي چيو ته سندس زندگي تي فلم ٺهي رهي آهي.

هن چيو ته اهڙيون حقيقتون به ڏيکارينداسين جيڪي ڪنهن جي سامهون نه آيون آهن.

اڳوڻي ڪرڪيٽر پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته سندس فلم ڪيو فلم پروڊڪشن ٺاهي رهي آهي ۽ هدايتڪار ايم فراز قيصر ڏئي رهيو آهي.

شعيب اختر پنهنجي پوسٽ ۾ اهو به ٻڌايو ته اها فلم ڪنهن به پاڪستاني ڪرڪيٽر تي ٺاهيل پهرين انٽرنيشنل فلم هوندي.

 واضح رهي ته راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور شعيب اختر ڊسمبر 1997ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.