”فل ڪورٽ نه جوڙي وئي ته اسان ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪنداسين“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله اعلان ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ تي فل ڪورٽ جوڙي نه ته اسان ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪنداسين.

قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته 2015 ۾ به 8 ججن پارٽي سربراهه بابت فيصلو ڏنو هو.

هن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن فل ڪورٽ نٿي جوڙي وڃي ته اسان ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪنداسين، فل ڪورٽ نٿي ٺهي ته حمزا شهباز به ان ڪيس ۾ ڌر نه بڻجندو.

قانون واري وزير چيو ته 2015 ۾ 5 ججن جي بئنچ چيو هو ته پارٽي جو ٿنڀ پارٽي هيڊ هوندو آهي، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جا 7 صدر اڄ پيش ٿيا، انهن چيو آئين جي اهڙي تشريح ڏني وئي آهي، جيڪا سمجهه کان مٿانهين آهي.

سندس چوڻ هو ته يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ رد ڪيا ويا هئا، ان جو فيصلو اچڻ باقي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.