”خواب ۾ سڙندڙ قبر ڏسندي هيس“ بالي ووڊ ڇڏيندڙ ثنا خان جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ انڊسٽري کي الوداع چوندڙ اڳوڻي اداڪارا ثنا خان جو چوڻ آهي ته ٽي وي ۽ فلمن ۾ ڪاميابي کانپوءِ به هو ذهني دٻاءُ جو شڪار رهي جنهن کانپوءِ هن حجاب پهرڻ جو ارادو ڪيو.

ثنا خان ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي جنهن ۾ سلمان خان جي فلم جئي هو به شامل آهي جڏهن ته هو بگ باس سڪس جو به حصو رهي چڪي آهي.

2020 ۾ اڳوڻي اداڪارا مفتي سيد انس سان شادي ڪئي هئي جنهن کانپوءِ هن حجاب پهرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.

تازو هڪ وڊيو ۾ هن پهريون ان راز تان پردو کنيو آهي ته هن ائين ڇو ڪيو.

وڊيو ۾ هو ڪاري برقعي ۾ ڳالهائي ٿي ۽ سندس هٿن تي مهندي جو رنگ به نظر اچي ٿو.

هو چوي ٿي ته ماضي ۾ مون وٽ سڀ ڪجهه هو، دولت، شهرت ۽ مان پنهنجي مرضي موجب سڀ ڪجهه ڪري پئي سگهيس پر هڪ شئي جي کوٽ هئي.

هن چيو ته منهنجي دل کي سڪون نه ملي رهيو هو، منهنجو حال اهو هو جو مان خوش ئي نه هيس.

ثنا خان جو چوڻ هو ته هي اهي ڏينهن هئا جڏهن مان الله جي پيغام کي ان جي علامتن ۾ ڏسڻ شروع ڪيو.

هن 2019 کي اهو سال قرار ڏنو جنهن ۾سندس زندگي تبديل ٿي وئي.

سندس چوڻ هو ته مون کي اڄ به ياد آهي ته رمضان جي مهيني ۾ مون کي خواب ۾ قبر نظر ايندي هئي جنهن ۾ باهه هوندي هئي ۽ مان پاڻ کي ان قبر ۾ ڏسندي هيس.

ثنا خان جو چوڻ هو ته مان محسوس ڪيو ته الله مون کي ڏسي رهيو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي زندگي کي تبديل نه ڪيو ته منهنجو اهو انجام ٿيندو، ان کانپوءِ مان بي قرار ٿي ويس.

هن چيو ته بعد ۾ مون حجاب پهرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ايندڙ ڏينهن منهنجي سالگرهه هئي جنهن تي مون اسڪارف خريد ڪيو ۽ ويڙهي ورتو، مون ارادو ڪري ورتو ته هاڻي ان کي نه لاهينديس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.